داخلا ؛ 2527
پڙهيو ويو ؛ 1702
پسند ڪيو ويو ؛ 36
تاريخ ؛ 2012-03-13


تصويرون


philosophy.jpeg
فلسفو
فلسفو



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ادبي تحريڪون

ٽائيٽل ؛ ادبي تحريڪون


شاخ : ادارو

ادبي تحريڪون: مجموعي طور تي ا هي لاڙا جيڪي سڄي دنيا سميت سنڌ ۾ به ”ادب براءِ ادب“ جي کاتي ۾ اچن ٿا -تن- جي شروعات سرمائيداريءَ جي سامراج واري دور ۾ داخل ٿيڻ تي ٿي. ٿلهي ليکي اهو دور وڪٽورين دور کان شروع ٿئي ٿو، جنهن جا پهريان فلسفي پيٽر (نقاد) ۽ وليم مورس (نقاد ۽ شاعر) چئي سگهجن ٿا. اها سوچ لڳ ڀڳ 1860ع کان 1890ع ڌاري پيدا ٿي، پر نئين دور ۾ ڏاڍيءَ تيزيءَ سان جوان ٿي، -ان- کي نپائڻ جي وڌيڪ ذميداري فرانس تي لاڳو ٿي. انهيءَ تحريڪ جي منڍ ۾ اها تحريڪ هلي، جنهن کي حقيقت پسندي (ريئلزم) چيو وڃي ٿو، انهيءَ جو سڀ کان نمايان نمائندو فرانس جو بالزڪ (Balzac) هو، سندس مشهور ناول ”پوڙهو گوريو“ آهي.
ان تحريڪ کانپوءِ جيڪا تحريڪ هلي، اها نيچرلزم (فطرت پسندي) سڏي وئي، اها ريئلزم کان -ان- معنيٰ ۾ مختلف هئي ته -ان- ۾ سماجي پيغام گهٽ ٿيندو آهي، -ان- جو نمائندو فرانس ۾ ”زولا“ (Zola) آهي، جنهن جي هڪ ڪتاب جو نالو جرمينال (Germinal) آهي.
ان کانپوءِ فطرت نگاريءَ جون ٻه ٽي شاخون ٿي ويون، -جن- مان هڪ اظهاريت (Expressionism) آهي ۽ ٻي تاثريت (Impressionism). انهن لاڙن مطابق اديب ۽ فنڪار جيڪي ڏسن ٿا، سو لکن ٿا يا چٽين ٿا ۽ اهي جيڪي ڪجهه ڏسن ٿا، -ان- ۾ جيڪڏهن ڪا ترتيب آهي به، ته -ان- تي سوچڻ يا سمجهڻ -انسان- جي وس جي ڳالهه ناهي، اهي لاڙا ادب ۽ فن جي ٻين شاخن جي ڀيٽ ۾ مصوريءَ ۾ وڌيڪ ملن ٿا.
اظهاريت: خارجي دنيا ۾ اڻکٽ شيون موجود آهن، جڏهن فنڪار انهن شين مان چونڊ ڪري کين بي ترتيبيءَ سان رکي پينٽ ڪري ٿو، تڏهن اهو عمل اظهاريت جي دائري ۾ اچي ٿو. ٻين اکرن ۾ ٻاهر جي شين کي محسوس ڪري يا انهن جو اثر وٺي پوءِ انهن کي ٻيهر خارجي دنيا ۾ مصوريءَ يا ڪنهن ٻيءَ صورت ۾ -تخليق- ڪرڻ اظهاريت آهي.
تاثريت: جهڙيءَ ريت خارجي دنيا ۾ اڻکٽ شيون آهن، تهڙيءَ طرح -انسان- جي اندر به اڻکٽ جذبا موجود آهن. هتي اڻکٽ جذبن مان مراد آهي ذهن ۾ تمام گهڻن، اڻپورن ۽ منجهيل خيالن ۽ جذبن جي موجودگي. جڏهن ڪو آرٽسٽ پنهنجن اهڙن جذبن کي جيئن جو تيئن بي ترتيب انداز سان پينٽ ڪري ته اهو آرٽ هن دائري ۾ اچي ٿو.
نقاد چون ٿا ته ٻنهي لاڙن کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان اها حقيقت سمجهون ته دنيا ۾ هر موجود شئي ڪنهن نه ڪنهن قانون يا ترتيب هيٺ هوندي آهي. جڏهن -تخليق- ڪار، -تخليق- جي عمل ۾ -ان- ترتيب کي ڇڏي ٿو ڏئي ته انتظام جو قانون (Law of governing) نه فقط گم ٿي وڃي ٿو، پر فنڪار پنهنجي هٿ سان ڄاڻي واڻي وڃائي ٿو، اهڙيءَ طرح سان -تخليق- جو منطقي عنصر گم ٿي وڃي ٿو، اهو زندگيءَ جي عمل تي گهٽ مشاهدي ۽ گرفت جو اظهار آهي، تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هن آرٽ ۾ فقط اڻپورو اظهار ٿئي ٿو، جڏهن ته -ان- جي -تشريح- ۽ ڇنڊڇاڻ کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو.
زندگيءَ کي نه سمجهڻ ۽ صرف پنهنجي بي ترتيب خيالن ۽ جذبن جي ڄاڻ هئڻ انهن ادبي لاڙن کي -جنم- ڏنو، -جن- کي سريئلزم (Surrealism) يا سپرنيچرلازم، دادا ازم ۽ ڪيوب ازم (Still life) وغيره چيو وڃي ٿو. ڪيوب ازم ۾ محض Shade Study ٿيندي آهي، جنهن ۾ ”نياپي“ جهڙي ڪنهن شئي جو وجود ڪونهي. مجموعي طور تي انهن سڀني لاڙن ۾ داخليت پسندي پنهنجي انتها پسندي تي آهي.
وجوديت (Existentialism ):وجوديت جو بنياد، ذات جي بيگانگي تي آهي. اها سوچ پيداوار جي جديد طريقن جي مهرباني آهي، جيڪا فرد کي ملي ٿي. -ان- ۾ فرد محروميءَ جي احساس کان لاتعلقي ۽ ويچارگيءَ جي احساس تائين گهڻو ڪجهه ڪري ٿو ۽ ائين محسوس ڪري ٿو ته سندس -باري- ۾ هر فيصلو اڳواٽ ئي ٿي چڪو آهي. اهو مقدريت (Fatalism) جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جو رنگ ڪهڙو هجي يا سندس شڪل ڪهڙي هجي، سندس وس ۾ نه آهي، اهڙيءَ طرح سندس وس ۾ اهو به ڪونهي ته هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪهڙي شئي جي چونڊ ڪري. چونڊ (Choice) جو اهو مسئلو، وجوديت جو بنيادي اسم آهي، جنهن جي چوڌاري انساني ٽريجڊيءَ جو ڊرامو ڦري ٿو. انهيءَ فلسفي جو باقاعدي موجد ويهين صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ ڊينش فلسفي ڪرڪي گراڊ (Karki Gerad) هو ۽ هن فلسفي جو سڀ کان مشهور مصنف سارتر آهي، جنهن جي وجوديت ۾ نفسيات ۽ مارڪسزم مليل آهن.
وجوديت بنيادي طور تي خيال پرستيءَ جي هڪ ننڍڙي شاخ آهي، جنهن جو بنياد مادي جي بدران شعور تي آهي. جديد سائنس ثابت ڪري چڪي آهي ته اوليت مادي کي ئي آهي، جنهن ڪري شعور پيدا ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن مادو نه هجي ها ته شعور به نه هجي ها، پر خيال پرستيءَ جي اصول هيٺ شعور کي اوليت آهي، تنهن ڪري مادي جي هئڻ يا نه هئڻ سان ڪو به فرق نه ٿو پوي.
وجوديت جي نظرئي جي ارتقا به دلچسپ مرحلن ۾ ٿي آهي، ايستائين جو هاڻي سارتر جي وجوديت ۾ مارڪسزم جو هلڪڙو ئي سهي، پر رنگ موجود آهي. وجود جي موجودگيءَ لاءِ پهريون اصول اهو آهي ته خارج تي سوچڻ فضول آهي، -ان- ڪري پنهنجي اندران ئي وجود جو ثبوت ڪڍي سگهجي ٿو، يعني: سامهون جيڪو -پٿر- يا ڪرسي يا ٻي جيڪا به شئي نظر اچي ٿي، اها دوکو به ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري -ان- تي سوچڻ اجايو آهي، ۽ خارج واري شئي واقعي آهي يا ناهي سو ثابت ڪرڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه ڪونهي.
ڪانت، هيگل کان به سئو سال پهرين وجود کي پرکڻ لاءِ وجود جي حقيقت جا ٻه درجا ٺاهيا، يعني: پهريون ”شئي جيڪا جيئن آهي.“ (The thing in itself) ۽ ٻيو ”شئي جيڪا جيئن نظر اچي ٿي“ (The thing as seen). ڪانت پهرين درجي جي پرک لاءِ چيو، ”اهو ڄاڻڻ ممڪن ئي ڪونهي.“
ڊيڪارٽ، انساني وجود جو فلسفو ڏيندي سوچڻ جي عمل کي بنياد ٺاهيندي چيو ته ”مان سوچيان ٿو، انهيءَ ڪري مان آهيان“ -ان- کان ڪافي پوءِ تقريباً 1750ع ۾ روسو ۽ سندس پوئلڳن جذبات کي بنياد ٺاهيندي فلسفي کي هيءَ شڪل ڏني ته، ”منهنجي اندر ۾ جذبو پيدا ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري مان آهيان.“ اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري بادليئر محسوسات کي بنياد ٺاهي، فلسفي کي اڳتي وڌائيندي چيو ته، ”منهنجا پنج حواس ڪم ڪن ٿا انهيءَ ڪري مان آهيان.“
انهيءَ ڳالهه کي ويهين صديءَ جي وچ ڌاري رينبو (Rainbow) ڪجهه بهتر ڪندي چيو ته، ”منهنجا پنج حواس اُبتڙ ڪم ڪن ٿا، انهيءَ ڪري مان آهيان.“ هن خيال ۾ جيڪا اضافي ڳالهه آهي سا آهي خارج سان رابطو يا (Contact). حواس اُبتڙ ڪم ڪن ٿا، معنيٰ: ”منهنجا احساس اندر کان ٻاهر نڪري خارج کي ڇهي يا تعلق ۾ اچي، وري ٻيهر موٽي اچي اطلاع ڏين ٿا.“
ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران البرٽ ڪاميو، انساني ذهن کي بلڪل ئي خارج ڪري ڇڏيو، پر وجود کي مشڪوڪ بڻائيندي چيو ته، ”مون کان غير ارادي طور بي معنيٰ ۽ بي مقصد فعل سرزد ٿي سگهي ٿو، انهيءَ ڪري شايد مان هجان!.“
نيچرلزم (فطرت پسندي) ۽ وجوديت جي اهڙن ئي لاڙن سنڌي ادب تي به گهرو اثر وڌو آهي، -جن- تي -تنقيد- ڪندي محترم لعل پشپ چيو ته، ”نئين ڪهاڻي اڄ جي ٽٽل -انسان- جي ٽٽل من ۾ ٽٽل مقصدن ۽ خواهشن جو ٽٽل لفظن ۾ ٽٽل اظهار آهي. نئين ڪهاڻيءَ ۾ انسانيت جو مفهوم بلڪل مبهم آهي، اها انفراديت جي قبر تي بيمار روشني ڏيندڙ هڪ ڏيئو آهي، -ان- ۾ چترنگاري آهي ئي ڪانه.“
محترم لعل پشپ جي مٿين سٽن ۾ وڏي جان آهي. دراصل اها -ان- ڳالهه جي تصديق آهي ته داخليت تي ٻڌل سمورا لاڙا، جهڙوڪ فطرت نگاري وارا ازم، سريئلزم، ڪيوب ازم، وجوديت وغيره وڏي ڪينواس تي، ”ادب براءِ زندگي“ بدران ”ادب براءِ ادب“ واري لاڙي جي نمائندگي ڪن ٿا، جنهن ۾ ليکڪ جي سماج ڏانهن ڪنهن به قسم جي جوابداري نه هوندي آهي.
ادب ۾ اسٽائل، فارم ۽ مواد: ادب ۽ آرٽ ۾ ڪجهه فارم (گهاڙيٽا) مروج هوندا آهن، مثال طور ادب ۾ ناول، ڊرامو، غزل يا وائي وغيره ۽ فن مصوريءَ ۾ اسٽل لائيف، ڪارٽون، پورٽريٽ ۽ لينڊ اسڪيپ وغيره انهن مروج فارمن (Forms) منجهان فائدو اهو ٿيندو آهي ته نه رڳو ليکڪ يا فنڪار کي پنهنجو مواد ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ملندي آهي، پر بنيادي طرح سان مواد پاڻ اهو طئه ڪندو آهي ته سندس شڪل يا بيهڪ ڪهڙي هجي/ هئڻ گهرجي. جڏهن ايئن نه ٿيندو آهي (مثال طور -آزاد نظم- ۾ اڀرندڙ مواد کي زبردستي غزل يا وائيءَ جي شڪل ڏيڻ) تڏهن مواد ۽ شڪل جو پاڻ ۾ تعلق نامياتي بدران روايتي ٿي ويندو آهي، يعني ٻئي لازم ۽ ملزوم نه رهندا آهن.
ڪنهن چيو آهي ته، ”اسلوب (اسٽائيل) شخصيت آهي.“ اسٽائيل ڪو مشيني عمل يا انداز نه ٿيندو آهي، پر اهو لکندڙ جي روح جو اظهار آهي. اسان اسٽائيل (اسلوب) کي ٻن پهلوئن ۾ ورهائي سگهون ٿا، پهريون فني ٻيو روحاني. هتي روحاني مان مراد مذهبي روحانيت نه آهي، پر اندر جي احساس ۽ اظهار جي شدت جي معنيٰ سان آهي، ٻئي طرف فني پهلو آهي، يعني بيان يا اظهار جو مخصوص انداز.
فن جي ٽيڪنڪي پهلوءَ کي پيٽنگ جي عمل ۾ بهتر طريقي سان سمجهي سگهجي ٿو. پينٽنگ اظهار جو هڪ ذريعو آهي، جنهن ۾ مختلف فارم آهن، جهڙوڪ، اسٽل لائيف (جامد زندگي)، پورٽريٽ (صورت ڪشي)، لينڊ اسڪيپ (نظارو) ۽ ڪارٽون وغيره. فرض ڪجي ته اسان جو موضوع ۽ مواد (Matter) ’ڊپ‘ آهي، جنهن کي اسان صورت ڪشيءَ (پورٽريٽ) جي فارم ۾ ماڻهن تائين پهچائڻ گهرون ٿا. جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ آرٽسٽن کي چئبو ته هو پنهنجي مخصوص انداز ۾ ”ڊپ“ کي پورٽريٽ (صورت) جي فارم ۾ پينٽ ڪن، ته هر هڪ پنهنجي مزاج مطابق رنگ به چونڊيندو ته ”ڇپڪ“ (Stroke) به مختلف هڻندو، ڪو برش استعمال ڪندو ته ڪو مصوريءَ وارو چاقو (Painting Knife) ڪو واٽر ڪلر (پاڻيءَ وارن رنگن) جي چونڊ ڪندو ته ڪو ”آئل ڪلر“ جي يا وري ماڳهين پينسل اسڪيچ (خاڪو) تيار ڪندو. هر آرٽسٽ جو هڪ پنهنجو انداز هوندو. جيڪڏهن ڪي به ٻه آرٽسٽ آئل ڪلر (تيلائي رنگ) استعمال ڪندا ته به ٻنهي جي انداز ۾ فرق هوندو، يعني ڪو رنگ وچڙ (Colour mixing) ڪندو ته ڪو ڇپڪ (Stroke) هڻندو. چوڻ کي ته انهن کي به فارم جون مختلف شاخون چئي سگهجي ٿو پر اهي طرزون آهن. در اصل مواد، فارم ۽ طرز (اسٽائيل) هڪ ئي ڪل جا جزا آهن، تنهنڪري هر هڪ کي ٻئي کان بلڪل ڌار ڪري ئي نه ٿو سگهجي.
روماني شاعر، گهڻو ڪري پنهنجو فارم پاڻ ٺاهيندا آهن، جڏهن ته ڪلاسيڪي اديب اڳ ڏنل يا مروج فارم کي استعمال ڪندا آهن، جيئن ته مواد، فارم ۽ اسٽائيل جو ڪل ۽ جز وارو تعلق آهي، تنهنڪري ڪل جي جيڪا معنويت آهي، سا -ان- جي هر جز کان نه رڳو وڌيڪ هوندي آهي، پر -ان- کان ڌار ۽ مختلف هوندي آهي، جيڪا سمورن جزن جي مجموعي ۾ ته ملي ٿي سگهي، پر جزن ۾ نه ملندي. عام مثال لاءِ اسان آئينو وٺي سگهون ٿا، جنهن ۾ شيشو، -ابرق- ۽ رنگ جزن جي حيثيت ۾ شامل آهن. انهن جزن ۾ پنهنجي ليکي آئينو بڻجڻ جي ڪا به صلاحيت ڪانهي پر انهن مختلف ڌاتن جي ملڻ سان هڪ نئين شئي وجود ۾ اچي وڃي ٿي، جنهن جي خصوصيت پنهنجن جزن کان بلڪل نئين ۽ مختلف آهي. ٻئي مثال لاءِ خود انساني وجود تي نظر وجهي سگهجي ٿي، جنهن ۾ بي حساب مختلف ڪيميائي مادن ۽ ڌاتن جا جزا آهن، پر انهن جي مخصوص ترتيب هڪ نئين ۽ مختلف شئي ”انسان“ کي منظر عام تي آندو آهي.
ان حقيقت (يعني نئين ۽ بهتر شئي جي وجود ۾ اچڻ) جي اظهار کي (Significant form) چئبو آهي. (ان تي لکڻ وارا سي ڊي لوئس (C. Day Levis) ۽ هربرٽ ريڊ آهن. ٻئي ڄڻا شاعر ۽ نثر نگار هئا).
ڪنهن تجربي يا مشاهدو کي ڪو به ٻيو شخص (پڙهندڙ) -ان- وقت پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪري سگهي ٿو جڏهن آرٽسٽ يا شاعر -ان- تجربي کي مجموعي طور تي ۽ -ان- تجربي يا مشاهدي جي جزن سان گڏ -تخليق- ڪري. هتي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته شاعر ماحول جي ڪنهن به واقعي يا شئي مان اثر وٺي -ان- کي ڪاغذ تي جيئن جو تيئن اتارڻ جو ڪم (reproduce) نه ڪندو آهي، پر هو -ان- واقعي کي ذهن يا ڪاغذ تي نئين سر -تخليق- (recreate) ڪندو آهي. جيستائين تجربي کي مجموعي طور تي ۽ -ان- تجربي جي جزن سان گڏ -تخليق- جو ذڪر آهي ته -ان- کي هن ريت ڏسي سگهجي ٿو ته جڏهن اسان ڪا رڙ ٻڌون ٿا تڏهن اسان -ان- رڙ جي ڪارڻ جو فقط ڪو اندازو ئي لڳائي سگهون ٿا ته اها خوف کان رڙ ٿي سگهي ٿي، پر ڇا جو خوف هوندو؟ تنهنجو اندازو نه ٿا لڳائي سگهون. اهڙيءَ طرح جيستائين -تخليق- مهل به -ان- رڙ جي پويان لڪل جزا مجموعي طور تي تجربي جي جزن سان گڏ ٻيهر -تخليق- نه ڪيا ويندا، تيستائين ٻيو شخص (پڙهندڙ) پنهنجي اندر ۾ -ان- رڙ کي محسوس نه ڪري سگهندو.

wikipedia
Philosophy
http://en.wikipedia.org/wiki/Philosophy

Philosophy and litrature
http://en.wikipedia.org/wiki/Philosophy_and_literature




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -ادبي تحريڪون- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ادبي تحريڪون - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ادارو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي منڊل ڪراچي
باک اشاعت گهر
اردو ڊڪشنري بورڊ
ٻوٻي آئل فيلڊ
اسرا يونيورسٽي
اسڪالرز اڪيڊمي
اسلامي جمعيت طلبا
اسلامي جمهوري اتحاد
اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد
اسلاميه دارلاشاعت
اسماعيليه ائسوسيئيشن ڪراچي
اسيمبلي
اشاعت
اطلاعات کاتو سنڌ
اقوام متحده
اڪادمي ادبيات پاڪستان
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا
الجماعت
الحنيف
برسات (اخبار)
الک
الوحيد
برهمو سماج (اخبار)
بشارت
اميريڪن انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي
اپوا
اخبار
بقائي انسٽيٽيوٽ آف ري پروڊڪشن ائنڊ ڊولپمينٽ سائنسز
بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي
انجمن حسيني
انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو
اداره انسانيت حيدرآباد
اداره لطيفي حيدرآباد
ادبي تحريڪون
انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊورٽائيزر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انقلاب
آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچي
اوقاف
ايس ايم فاطمه جناح گرلز اسڪول
ايم آر ڊي
اي ايم مسلم جيمخانه
بلاول انسٽيٽيوٽ
ايڇ اي جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري
اين جي وي هاءِ اسڪول
اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر
آغا خان اسپتال حيدرآباد
آغا خان فائونڊيشن
بين الاقوامي مالياتي فنڊ
آغا خان يونيورسٽي اسپتال
بهبود اطفال
بلاول فائونڊيشن نوابشاهه
بلاولي تحريڪ
بئنڪ
بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن
بيداري
بنات الاسلام
آل پاڪستان هالائي مسلم کتري فيڊريشن
آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن
آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي
آگم پبلشنگ ايجنسي
آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن
آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل پاڪستان ميمڻ فيڊريشن
ادب اشاعت گهر
آزاد
آزاد پبليڪيشن شڪارپور
آس
آفتاب سنڌ
انساني حقن واري تنظيم
اصلاح
اڳتي قدم پبليڪيشن شڪارپور
الامين
الحزب
الحق
انور پيرزادو اڪيڊمي
اداره سچل سرمست
انٽرنيشنل پيس بيورو
انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد
انجمن آفتاب ادب دادو
انجمن شعراءِ هالا
انجمن همدرد اسلام
آجيان پبليڪيشن ڊکڻ
ايمنسٽي انٽرنيشنل
ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن
ٻني سنڌو سيوا سنگهه
بزم ادب شڪارپور
آمريڪا ۾ سنڌين جون تنظيمون
بي . بي . سي
بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ
بزم مولائي شيدائي محمدپور اوڍو
بندي ماترم ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
بهادر
اڪبر آشرم لاڙڪاڻو
اداره آواز ادب حيدرآباد
اداره اد ب نو حيدرآباد
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان
اگهوتري


.....ادارو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن