داخلا نمبر 4019
عنوان اداره سچل سرمست
شاخ ادارا ۽ تنظيمون
پڙهيو ويو 218 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

اداره سچل سرمست

اداره سچل سرمست: ’اداره سچل سرمست‘ شڪارپور جو باني اديب ۽ شاعر آغا عبدالنبي ’عليگ‘ هو. سن 1965ع ۾ هي ادارو قائم ڪيو ويو. شروع کان ئي صوفي جهامنداس ’عاشق‘ ان جو سيڪريٽري رهندو آيو. هن اداري پاران مشاعرن جون محفلون ٿينديون رهنديون آهن. آغا عبدالنبي ’عليگ‘ جي انتقال کان پوءِ غلام نبي ’مير‘ کي ان جو صدر چونڊيو ويو هو. ’مير‘ صاحب جي وفات کان پوءِ سندس وڏو فرزند نور نبي ’مير‘ ان جي سرپرستي ڪري رهيو آهي.


لفظ اداره سچل سرمست هيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آهي
اداره سچل سرمست
هن صفحي کي شيئر ڪريو