داخلا ؛ 2495
پڙهيو ويو ؛ 838
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-12


تصويرون


insanyat.jpg
اداره انسانيت حيدرآباد:
اداره انسانيت حيدرآباد:



ٽائيم لائين

1952.00.00-A.D
اداره انسانيت حيدرآباد: هيءُ ادارو سنڌ جي نامور اديب ، صحافي ، عالم ، دانشور ۽ قومي ڪارڪن محمدعثمان ڏيپلائيءَ سنه 1952ع ۾ قائم ڪيو .




sindhianaسنڌيانا--اداره انسانيت حيدرآباد

ٽائيٽل ؛ اداره انسانيت حيدرآباد


شاخ : ادارو

اداره انسانيت حيدرآباد: هيءُ ادارو سنڌ جي نامور اديب، صحافي،عالم، دانشور ۽ قومي ڪارڪن محمدعثمان ڏيپلائيءَ سنه 1952ع ۾ قائم ڪيو.هن اداري کي قائم ڪرڻ جو مقصد ڏيپلائي صاحب هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: ”اڄ انسانيت -جن- پريشانين ۽ تڪليفن مان لنگهي رهي آهي، سا ڪنهن کان به ڳجهي ڪانهي. سڀ کان وڌيڪ ڏک ڀري ڳالهه اها آهي ته انهن پريشانين ۽ تڪليفن جو ڪارڻ به -انسان- پاڻ ئي آهن ۽ فقط اڻ ڄاڻائيءَ سبب ئي هو پاڻ کي تڪليفون ۽ پريشانيون ڏئي رهيا آهن. دنيا جي دانشورن انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪري اهڙا ڪتاب لکيا آهن، -جن- جي پڙهڻ، دل سان هنڊائڻ ۽ عمل ڪرڻ سان -انسان- ذات -تان- ڏک ۽ تڪليفون لهي سندن دليون خوشيءَ سان ڀرپور ٿي وڃن ٿيون.“
مٿئين مقصد جي پوئواري ۾ هن اداري طرفان جديد -ترقي- پسند سوچ جي نمائندگي ڪندڙ عالمي لکڻين کي سنڌيءَ ۾ منتقل ڪرائي شايع ڪيو ويو.اهڙين لکڻين ۾ ”انسان جي تاريخ“ (مصنف: محمد عثمان ڏيپلائي)، ”پيغامِ لطيف“ جا ابتدائي باب (مصنف: جناب جي ايم سيد)،خواجه احمد عباس جو ناول ”چارداڻا“ (مترجم: ابن حيات پنهور)،ڊانويسٽ جوڪتاب ”آمريڪي شاعر“ (مترجم: احسان بدوي)، غلام حيدر ڄامائيءَ جو ڪتاب ”ماڻهو ۽ ڌرتي“، ڪرشن چندر جو ناول ”هاريءَ جي سجاڳي“ (مترجم: عبدالغفور انصاري)، ڪرشن چندر جو ناول”سج ڏکڻ مان ٿو اڀري“ (مترجم: سراج -الحق- ’بسمل‘)، ڊيل ڪارينگيءَ جو ڪتاب ”راحت ڀري زندگي“ (مترجم: محمد عثمان ڏيپلائي)، ڊاڪٽر صادق جو ڪتاب ”چمڪندڙ زندگي“ (مترجم: محمد عثمان ڏيپلائي) شامل آهن. هيءُ ادارو ڏيپلائي صاحب جي مارشل لا تحت گرفتاريءَ کان پوءِ ختم ٿي ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -اداره انسانيت حيدرآباد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اداره انسانيت حيدرآباد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ادارو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي منڊل ڪراچي
باک اشاعت گهر
اردو ڊڪشنري بورڊ
ٻوٻي آئل فيلڊ
اسرا يونيورسٽي
اسڪالرز اڪيڊمي
اسلامي جمعيت طلبا
اسلامي جمهوري اتحاد
اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد
اسلاميه دارلاشاعت
اسماعيليه ائسوسيئيشن ڪراچي
اسيمبلي
اشاعت
اطلاعات کاتو سنڌ
اقوام متحده
اڪادمي ادبيات پاڪستان
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا
الجماعت
الحنيف
برسات (اخبار)
الک
الوحيد
برهمو سماج (اخبار)
بشارت
اميريڪن انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي
اپوا
اخبار
بقائي انسٽيٽيوٽ آف ري پروڊڪشن ائنڊ ڊولپمينٽ سائنسز
بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي
انجمن حسيني
انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو
اداره انسانيت حيدرآباد
اداره لطيفي حيدرآباد
ادبي تحريڪون
انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊورٽائيزر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انقلاب
آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچي
اوقاف
ايس ايم فاطمه جناح گرلز اسڪول
ايم آر ڊي
اي ايم مسلم جيمخانه
بلاول انسٽيٽيوٽ
ايڇ اي جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري
اين جي وي هاءِ اسڪول
اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر
آغا خان اسپتال حيدرآباد
آغا خان فائونڊيشن
بين الاقوامي مالياتي فنڊ
آغا خان يونيورسٽي اسپتال
بهبود اطفال
بلاول فائونڊيشن نوابشاهه
بلاولي تحريڪ
بئنڪ
بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن
بيداري
بنات الاسلام
آل پاڪستان هالائي مسلم کتري فيڊريشن
آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن
آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي
آگم پبلشنگ ايجنسي
آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن
آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل پاڪستان ميمڻ فيڊريشن
ادب اشاعت گهر
آزاد
آزاد پبليڪيشن شڪارپور
آس
آفتاب سنڌ
انساني حقن واري تنظيم
اصلاح
اڳتي قدم پبليڪيشن شڪارپور
الامين
الحزب
الحق
انور پيرزادو اڪيڊمي
اداره سچل سرمست
انٽرنيشنل پيس بيورو
انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد
انجمن آفتاب ادب دادو
انجمن شعراءِ هالا
انجمن همدرد اسلام
آجيان پبليڪيشن ڊکڻ
ايمنسٽي انٽرنيشنل
ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن
ٻني سنڌو سيوا سنگهه
بزم ادب شڪارپور
آمريڪا ۾ سنڌين جون تنظيمون
بي . بي . سي
بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ
بزم مولائي شيدائي محمدپور اوڍو
بندي ماترم ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
بهادر
اڪبر آشرم لاڙڪاڻو
اداره آواز ادب حيدرآباد
اداره اد ب نو حيدرآباد
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان
اگهوتري


.....ادارو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن