داخلا نمبر 4286
عنوان اداره آواز ادب حيدرآباد
شاخ اشاعتي ادارا
پڙهيو ويو 510 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

اداره آواز ادب حيدرآباد

اداره آواز ادب حيدرآباد:اداره آواز ادب حيدرآباد، آڪٽوبر 1957ع ۾ رسول بخش ”خمار“ قائم ڪيو. هن اداري سنڌي ادب کي سُٺا معياري ۽ سستا ڪتاب ڏنا، جن ۾:’حُسنا‘، ’سورج شاخون ڪڍيون‘، ’درياهه جي ڪپ تي‘، ’اداسيءَ جون آهون‘، ’نوران‘، ’پريت پراڻي ريت نرالي‘، ’سوري آ سينگار‘، ’ڪلب ۽ گهر‘ جهڙا ناول ۽ هڪ ناوليٽ ’روشنيءَ جي تلاش‘ شامل آهن. اُن کانسواءِ ’عبرت ڪده‘ ڀاڱو پهريون ۽ ٻيون، ’انصاف ڪٿي آهي؟‘، ’سپون‘، ’نازبوءِ‘، ’چنڊ جا تمنائي‘، افسانن جا مجموعا به شايع ڪيا. ان کانسواءِ نفسيات ۽ تاريخ جي موضوع تي پڻ ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا. جن ۾ بابر، سلطان محمود غزنوي ۽ رابعه بصريءَ، سوانحي ڪتاب شامل آهن. ريڊيو ڊرامن تي مبني ’پاڇا ۽ پڙلاءُ‘ ٻاراڻي ادب تي ’چانڊوڪي‘، ’باکون‘، ’رات جي راڻي‘، ’ڦلواڙي‘ جهڙا نادر ۽ ناياب ڪتاب به هن ئي اداري شايع ڪيا. اداره آواز ادب طرفان شايع ٿيل ڪتابن جي مقبوليت سبب اهي ڪتاب ٻيو ۽ ٽيون ڀيرو اشاعت هيٺ آيا، هن اداري طرفان حيدرآباد ۾هڪڙو بُڪ اسٽال پڻ قائم ڪيو ويو هو، جنهن تي هند ۽ سنڌ جا بهترين ڪتاب رکيا ويندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو