داخلا نمبر 2435
عنوان اختر درگاهي
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 1206 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
اختر درگاهي

اختر درگاهي

اختر درگاهي

اختر درگاهي: شاعر ۽ اديب اختر درگاهيءَ جو اصل نالو اختر علي ميراڻي آهي. 24 سيپٽمبر 1963ع تي، سنڌ جي تاريخي شهر روهڙيءَ ۾ ڄائو. سندس پيءُ ”درگاهي ميراڻي“ سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ سندس ڏاڏي مائي ”بيگم فقيرياڻي“، سنڌ جي نامياري ڪلاڪار ۽ شاعره هئي. 1980ع ۾ روهڙيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ، سنڌي ادب ۽ معاشيات ۾ ماسٽر ڪيائين. هن وقت زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ آفيسر آهي. هيل تائين سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا، ”گل ۽ مکڙيون“ (ٻارن لاءِ) ۽ ’رنگ، خوشبو ۽ هوا‘ ۽ ”شاعري مُرڪي پئي“ (2000) ڇپجي چڪا آهن، هن بيدل سائينءَ جو اردو ڪلام ترتيب ڏيئي ڇپايو آهي، جنهن تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 1997ع جو ’تحقيقي ادب جو اوارڊ‘ حاصل ڪري چڪو آهي. سکر نئشنل سيمينار 26- 27 مئي 2001ع تي هن جو ٻيو تحقيقي ڪتاب ’تذڪره جهان شاهي‘ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ 2003ع ۾ سندس ٽيون تحقيقي ڪتاب ”بيدل، بيڪس ۽ سڪايل“ شايع ٿيو. ان کان سواءِ بيدل يادگار ڪميٽيءَ پاران نڪرندڙ مخزن ”بيدل“ جا ڪيترائي شمارا ترتيب ڏئي ڇپائي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.09.24  عيسوي

اختر درگاهي: شاعر ۽ اديب اختر درگاهيءَ جو اصل نالو اختر علي ميراڻي آهي . 24 سيپٽمبر 1963ع تي ، سنڌ جي تاريخي شهر روهڙيءَ ۾ ڄائو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون