ڊاڪٽر احمد علي شاهه

ڊاڪٽر احمد علي شاهه

احمد علي شاهه ڊاڪٽر

احمد علي شاهه ڊاڪٽر: ڊاڪٽر احمد علي شاهه سيد محمد علي شاهه جو پٽ ۽ نامياري سياستدان سيد ظفر علي شاهه جو ڀاءُ آهي. هو 18 آگسٽ 1948ع تي درٻيلي ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. هن ايم. بي. بي. ايس ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايف آر سي ايس رائل ڪاليج آف سرجن ايڊنبرا برطانيا مان ڪئي. هو ناميارو نيورو سرجن رهيو آهي. هن وقت به آغا خان يونيورسٽيءَ جو ڪنسلٽنٽ نيورو سرجن ۽ ڪاليج آف فزيشن اينڊ سرجن آهي ۽ فيڪلٽي آف فزيشن اينڊ سرجنس آف پاڪستان جو ڊين، فيڪلٽي آف نيورو سرجري ۽ رائل سوسائٽي آف ميڊيسن انگلينڊ جو فيلو آهي. ڊگهي عرصي تائين طب جي شعبي ۾ خدمتون ڏيڻ بعد رٽائر ٿيڻ تي سياست ۾ آيو. پهريون ڀيرو 2008ع وارين چونڊن ۾ نوشهري فيروز جي تڪ پي ايس 21 مان پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊ لڙي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. هو هن وقت بورڊ آف روينيو بابت اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي. سندس ڀاءُ ظفر علي شاهه 1970ع وارين عام چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هو. ان بعد 1985، 1988ع، 1993ع کان 1997ع تائين قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر رهيو. سيد احمد علي شاهه بنگلاديش، برازيل، چين، ڊينمارڪ، فرانس، جرمني، انڊيا، جپان، ملائيشيا، ناروي سريلنڪا، سوئيڊن، آمريڪا ۽ انگلينڊ سميت ڪيترائي ملڪ ڏٺا آهن.
سيد احمد علي شاهه نيورو سرجريءَ جي ٽريننگ انگلينڊ مان حاصل ڪرڻ بعد وطن ورڻ تي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ نيورو سرجري جو شعبو قائم ڪيو. جتي هو 18 سال خدمتون انجام ڏيندو رهيو. هن اتي 2005ع ۾ نيورو سرجريءَ جي پروفيسر طور ڪم ڪيو ۽ 2005ع ۾ استعيفيٰ ڏيئي 2007ع ۾ آغا خان يونيورسٽيءَ ۾ اعزازي پروفيسر ٿيو. سندس بين الاقوامي ساک وارن رسالن ۾ 17 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا ڇپيل آهن.


لفظ احمد علي شاهه ڊاڪٽرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.08.18  عيسوي

احمد علي شاهه ڊاڪٽر: ڊاڪٽر احمد علي شاهه سيد محمد علي شاهه جو پٽ ۽ نامياري سياستدان سيد ظفر علي شاهه جو ڀاءُ آهي . هو 18 آگسٽ 1948ع تي درٻيلي ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پلي درويش
انجينئر جمال الدين وينجهر
امير علي شاهه
مظهر ابڙو
امتياز قاضي
سهراب سومرو
عبدالرحيم مگسي
شيخ عبدالعزيز
خسرو بيگ مرزا
مخدوم عبدالواحد سيوستاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون