احمد شاهه ذاڪري

احمد شاهه ذاڪري

احمد شاهه ذاڪري

احمد شاهه ذاڪري: احمد شاهه ذاڪري ولد پير محمد شاهه جيلاني ذاڪري، وڏو عالم، بزرگ ۽ درگاهه ڌڻي ٿي گذريو آهي. کيس مريد ۽ عقيدتمند ”سُهڻو سائين“ ڪري سڏيندا هئا. سندن وڏا اصل ڪشمير جي طرف جا ويٺل چيا وڃن ٿا. سندس ڏاڏي، سلسله طريقت جي بيعت خواجه نظام الدين ڪشميريءَ ۽ خواجه محمد قاسم موهڙي شريف کان ورتي هئي. 1896ع ڌاري سنڌ ۾ آيو ۽ ڳوٺ ”ڪنڊڙي“ تعلقي بدين ۾ رهڻ لڳو. هو ڪشميري نموني زور سان ذڪر ڪندو هو، جنهن جي وفات بعد پير محمد شاهه جو وڏو ڀاءُ سجاده نشين ٿيو. محمد شاهه وڏي ڀاءُ کان اجازت وٺي، سڪرنڊ تعلقي ۾ پهرين ”گهنڊيا“ جي ڳوٺ ۾ وڃي ويٺو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ، سڪرنڊ جي ڀر ۾، حاجي محمد حسن چوهاڻ جي ڳوٺ جايون ٺهرائي، اُتي وڃي ويٺو. هن جو سلسلهءِ طريقت قادري ۽ نقشبندي هو. وٽس جمعي نماز تي هزارين ماڻهو ايندا هئا، جن مان ڪيترن کي حال پوندو هو. سندن ذڪر راڳ جي نموني تي آهي. ڪيترا چور ۽ ڏوهاري ماڻهو سندس صحبت ۾ سڌي راهه تي اچي ويا. پنهنجي رهائش گاهه وٽ گهر جون جايون، مسجد ۽ پنهنجو قبو ٺهرايائين. 29 جمادي الاول 1355هه/18 آگسٽ، 1926ع تي، اڱاري ڏينهن وفات ڪيائين. ان تاريخ تي هر سال سندس درگاهه تي عرس ٿيندو آهي.
سائين محمد شاهه ذاڪريءَ جي وفات وقت سندن فرزند سيد احمد شاهه ذاڪري اڃا ننڍو هو. مٽياري سيدن مان ميان حاجي علي اڪبر شاهه باقيل پوٽو سندس خاص خليفن مان هو. سگهوئي سندس مريد ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا، هڪڙا سائين احمد شاهه ذاڪريءَ جا طرفدار ٿيا ۽ ٻيا حاجي علي اڪبر شاهه جا طرفدار ٿيا، جنهن سڪرنڊ کان اڀرندي طرف کڏهر روڊ تي پنهنجي خانقاهه وڃي بنائي ۽ ان جي وفات کان پوءِ سندس فرزند حاجي علي احمد شاهه جاءِ نشين ٿيو ۽ عربي مدرسو کولي، درس تدريس جو ڪم شروع ڪيائين. پير احمد شاهه وارو گروهه ذڪر اذڪار ۽ روحاني تعليم جو طرفدار رهيو. سندن درگاهه پير ذاڪري نمبر-1 سڏجڻ لڳي. سندن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ بي شمار مريد ٿيا. احمد شاهه ذاڪريءَ جي تعليمات جا ٻه اهم نُڪتا هئا: (1) هر انسان سان محبت ڪريو، پوءِ اهو مسلمان هجي، هندو يا ڪنهن ٻئي مذهب جو يا سني شيعو، يا وهابي وغيره فرقن سان واسطو رکندڙ هجي. (2) ڏوهه کان نفرت ڪريو، ڏوهاريءَ سان نه، ڏوهاريءَ سان نفرت سبب، سندس سڌرڻ جو امڪان ختم ٿئي ٿو.
سائين احمد شاهه ذاڪري 5 جون 2000ع تي وفات ڪئي. چاليهي جي موقعي تي پڳ وڏي پُٽ منير حسين شاهه کي ٻڌائي وئي، جيڪو هن وقت درگاهه جو سجاده نشين آهي ۽ ضلعي ڪائونسل نواب شاهه جو ميمبر ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ آهي. سندس ٻيو فرزند سيد حنيف شاهه تلهار ڀرسان درگاهه ذاڪري سنڀالي ٿو. ٻئي ڀائر تعليم يافته ۽ سنڌي جديد ادب تي سٺي ڄاڻ رکندڙ آهن.


لفظ احمد شاهه ذاڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1355.05.13  هجري

احمد شاهه ذاڪري 29 جمادي الاول 1355هه/18 آگسٽ ، 1926ع تي ، اڱاري ڏينهن وفات ڪيائين .


1926.08.18  عيسوي

احمد شاهه ذاڪري 29 جمادي الاول 1355هه/18 آگسٽ ، 1926ع تي ، اڱاري ڏينهن وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيرل سومرو
خان محمد مڱڻهار
پلي وڏيرو عبدالحليم
جاوتري
ريني ڊيڪارٽ
اديب رضوي ڊاڪٽر
پلي عبدالخالق عبد
سوامي هردارام
حيات سنڌي ڊاڪٽر
حاجي امير بخش خان جوڻيجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون