احسان بدوي

احسان بدوي: پروفيسر احسان بدوي، سنڌي ٻوليءَ جو بهترين اديب، شاعر ۽ نقاد هو. سنڌ جي مشهور اديب ۽ اهل قلم، پروفيسر لطف الله بدويءَ جو فرزند هو. هن جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو سلسلو، سندس والد جي سرپرستيءَ ۽ تربيت ۾ شروع ٿيو.
احسان بدوي مارچ 1926ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين. 1944ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري، سي. اينڊ ايس. (چيلاسنگهه بجاج اينڊ سيتلداس) گورنمينت ڪاليج ۾ داخل ٿيو.
1946ع ۾، جڏهن اڃا انٽر آرٽس ۾ هو، تڏهن سنڌ يونيورسٽي وجود ۾ آئي. جيئن ته ان ڪاليج جو بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق هو، ان ڪري سنڌ حڪومت، پنهنجي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وارن شاگردن تي زور رکيو ته اهي ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪن. ان ڪري ايس. ايم. ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين، جتي وڏي محنت سان بي. اي آنرس فارسيءَ ۾، سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.
تعليم دوران، شمس العلماءِ علامه دائودپوٽو ۽ آغا محمد يعقوب سندس مدد ڪندا رهيا. بي. اي پاس ڪري سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ ڪلرڪ ٿيو، ۽ اڳتي هلي سينيئر ڪلرڪ بڻيو. علم ۽ ادب سان چاهه هئڻ جي ڪري اردوءَ ۾ ايم. اي پاس ڪيائين. هيءُ پهريون سنڌي شاگرد هو، جنهن اردوءَ ۾ ايم. اي ڪئي هئي. ان کان پوءِ سنڌيءَ ۾ پڻ ايم. اي ڪيائين.
آخرڪار، پنهنجي شفيق استاد، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه (اڳوڻي پرنسپال ايس. ايم، ڪاليج ڪراچيءَ) جي مشوري سان روينيو ڊپارٽمينٽ کي خيرآباد چئي، ايس. ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد جي حيثيت سان داخل ٿيو، جتي 15 سال خدمت ڪيائين.
احسان بدوي سنڌي ادبي سنگت سان به وابسته رهيو. تاليف ۽ تصنيف جي سلسلي ۾ سندس ڪتاب: (1) ’تنقيد ۽ تنقيدنگاري‘، (2) ’ڊان ويسٽ‘، (3) ’انقلاب جو فلسفو‘، (4) ’منتخب ڪلام سانگي‘ (5) ’سانگي‘ فن ۽ شخصيت، اهم آهن. سندس انداز بيان سليس، سادو، عمدو ۽ اثرائتو هو. هن هڪ ناگهاني حادثي جو شڪار ٿيندي، ڪراچيءَ ۾ 22 نومبر 1965ع تي وفات ڪئي.


لفظ احسان بدويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.00.00  عيسوي

احسان بدوي: 1946ع ۾ ، جڏهن اڃا انٽر آرٽس ۾ هو ، تڏهن سنڌ يونيورسٽي وجود ۾ آئي .


1965.11.22  عيسوي

احسان بدوي: هن هڪ ناگهاني حادثي جو شڪار ٿيندي ، ڪراچيءَ ۾ 22 نومبر 1965ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالرب نشتر سردار
ٺٽي جا مغل نواب
پنڪچ آڏواڻي
اسٽالن
رمضان مگسي
شمس الدين احمد حڪيم
شفالي واسديو
بيگم رعنا لياقت علي خان
راجو خمره
امجد سراج ميمڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون