داخلا ؛ 3981
پڙهيو ويو ؛ 944
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-06-28


تصويرون


South-Korea.gif
اتر ڪوريا
اتر ڪوريا



ٽائيم لائين

1948.09.08-A.D
هن ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 8 سيپٽمبر 1948ع آهي




sindhianaسنڌيانا--اتر ڪوريا

ٽائيٽل ؛ اتر ڪوريا


شاخ : ملڪ

اتر ڪوريا (North Korea ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو (Democratic Peoples Republic of Korea) آهي. قديم سلطنت ڪوريو (Koryo) جي مناسبت سان -ان- کي ڪوريا سڏيو ويو. هي -اتر- -اوڀر- -ايشيا- جو ملڪ آهي. هن جي -اتر- ۾ چين، -اتر- -اوڀر- ۾ روس، -اوڀر- ۾ جاپاني سمنڊ، ڏکڻ ۾ ڏکڻ ڪوريا ۽ اولهه ۾ پيلو سمنڊ (Yellow Sea) آهن. -اتر- ڪوريا، ٻيٽ نما ڪوريا جي اترئين حصي تي ٻڌل هڪ جابلو ملڪ آهي. جنهن جي ڪل پکيڙ 122098 چورس ڪلوميٽر (47130 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 20 لک آهي. گاديءَ جو هنڌ پيانگ يانگ (Piyong Yong) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ -پائي- ڪتوسان (بلندي 2744 ميٽر) آهي هتان جي سرڪاري -ٻولي- ڪورين آهي. موسم گرمين ۾ گرم ۽ گھميل پر خوشگوار هوندي آهي، جڏهن ته سياري ۾ سخت سيءُ پوندو آهي. -اتر- ڪوريا جي مکيه زرعي پيداوار چانور، مڪئي، جَوَ، پٽاٽا، جوئر، ڪڻڪ، صوف، مٺا پٽاٽا، سورج مکي، ڀاڄيون ۽ ميوا آهن، هتان جي مکيه صنعتن ۾ مشينري، -آبي- توانائي، ڪيميائي شيون، فولاد، ڪپڙو، سيمنٽ، پيٽروليم جي صفائي ۽ ايلومينيم آهن ۽ مکيه معدنيات ۾ ڪوئلو، لوهه، گرينائيٽ، پيٽروليم، شيهو، نڪل، ٽنگسٽن، جست، سون، چاندي، ٽامو، زنڪ ۽ موليبڊ نيم شامل آهي.
ڪوريا جي رياست جي پيڙهه 2400 ق. م ۾ هڪ حڪمران تنگول جي هٿان پئي، هن سلطنت جو نالو چوزن (Chosen) ”پرهه ڦٽيءَ جي آسودگي“ رکيو، ڪوريائي ماڻهو -ان- کي تائي هان (Tai Han) چوندا هئا. هتي هزارين سال اڳ وچ -ايشيا- جي قبيلن جا ماڻهو اچي -آباد- ٿيا. ڪوريا جو پهريون -بادشاهه- ٽانڪون هو، جنهن ڪوريا تي ڪيترائي سال حڪومت ڪئي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪوريائين کي پنهنجي 4300 سال اڳ جي -تاريخ- تي وڏو فخر آهي. ڪوريا جا اصل رهواسي منگولن ۽ قازقن جي نسل مان ٻڌايا وڃن ٿا. ڇهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري سلطنت سيلا ڏاکڻيئن ڪناري جي رياست ڪايا (Kaya) کي فتح ڪيو. چوٿين صديءَ ۾ -ٻڌمت- ڦهليو، جيڪو ڇهين صديءَ ۾ طاقتور ۽ مضبوط حيثيت اختيار ڪري ويو. اوڻويهين صديءَ ۾ ڪوريا تي قابض ٿيڻ لاءِ چين ۽ جاپان وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ شروع ٿي. 95-1894ع جي چين جاپان ويڙهه کانپوءِ 17 -اپريل- 1895ع تي ڪوريا جي ڌار وجود ۽ آزاديءَ کي تسليم ڪيو ويو. چين کانپوءِ، 1905ع ۾ جاپان روس کي به شڪست ڏني، جنهن سان هن جا حوصلا وڌيا. 1948ع ۾ ڪوريا کي ٻن حصن -اتر- ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ ورهايو ويو. -اتر- ڪوريا جي گاديءَ جو هنڌ پيانگ يانگ قرار ڏنو ويو. 1948ع جي آخر ۾ روسي فوجون ملڪ مان نڪري ويون. -اتر- ڪوريا هڪ مضبوط سوشلسٽ حڪومت آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ، سڀني انتظامي اختيارن جو مالڪ ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي. هن ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 8 سيپٽمبر 1948ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 1991ع کان اٿس.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -اتر ڪوريا- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اتر ڪوريا - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ملڪ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باگڙ ديس
بحرين
افغانستان
برطانيا
برما
انڊيا
انگلنڊ
اردن
ايران
بيلجيم
بنگال
بنگلاديش
آرمينيا
آسٽريا
آسٽريليا
انڊونيشيا
آمريڪا
آئرلينڊ
اسپين
اتر ڪوريا
اٽلي
بازنطيني سلطنت
برازيل
برونئي
بوٽسوانا
ڀارت
تنزانيا
ترڪمانستان
ترڪي
ڀوٽان
تاجڪستان
تائيوان
ٽوگو
تيونس
تبت
ٿائي لينڊ
ٿٻيٽ
فارس
پاڪستان
جپان
جرمني
پاناما


.....ملڪ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن