ابڙو ڊاڪٽر عبدالحئي

ابڙو ڊاڪٽر عبدالحئي

ابڙو ڊاڪٽر عبدالحي

ابڙو ڊاڪٽرعبدالحي: اديب، دانشور ۽ عالم ڊاڪٽر عبدالحي ابڙو 20 سيپٽمبر 1961ع تي دوداپور ڀُٽو ويجهو، ’نئون ڳوٺ ‘ تعلقي ڳڙهي خيري ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي.اي، پنجاب يونيورسٽيءَ مان ايم.اي (عربي)، وفاق المدارس مان شهادة العالميه، انٽرنئشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد مان ايل. ايل . ايم (شريعه) ۽ ڪنگ سعود يونيورسٽي رياض مان سرٽيفڪيٽ ڪورس ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڻ فقه / اسلامڪ ڪلچر ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ هيٺ پي ايڇ. ڊي ڪئي اٿس. ان کان سواءِ اسڪاٽلئنڊ، برطانيا جي گلاسڪو يونيورسٽيءَ مان پوسٽ ڊاڪٽوريٽ فيلوشپ پڻ ڪيل اٿس. انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي شريعه ۽ قانون واري فئڪلٽيءَ سان 1985ع کان اسلامي قانون جي اُستاد طور لاڳاپيل آهي. يونيورسٽيءَ جي دعوه اڪيڊميءَ ۾ سنڌي شعبي جو سربراھ پڻ رهي چڪو، (هينئر اهو شعبو ڪراچيءَ جي ريجنل دعوه سينٽر ۾ ضم ٿي، ڪراچيءَ منتقل ٿي ويو آهي). عربي ٻوليءَ تي خاص دسترس رکي ٿو. ديني ادب کي ترقي ڏيارڻ ۽ رسالي ذريعي اسلامي دعوت لاءِ پاڻ 1991ع کان ماهوار ”السنڌ“ شايع ڪندو پيو اچي، جيڪو اسلام آباد مان نڪرندڙ پهريون سنڌي رسالو آهي. ابڙي صاحب سنڌي زبان ۾ ڪن اھم ڪتابن جو ترجمو پڻ ڪيو آھي، جن ۾ سيد زوار حسين شاھ جي ڪتاب ”زبدة الفقه“ جا ٽي حصا شامل آھن. علمي ۽ تحقيقي موضوعن تي عربيءَ جي مشھور ليکڪن ۽ مفڪرن جون لکڻيون ترجمو ڪرڻ سان گڏوگڏ اسلامڪ بئنڪنگ تي عربيءَ ۾ هڪ ڪتاب پڻ لکيو اٿس. امام ابوحنيفه بابت اداره تحقيقات اسلامي اسلام پاران ڪرايل بين الاقوامي سيمينار ۾ پڙهيل چونڊ مقالن تي ٻَڌل ڪتاب مرتب ڪيو اٿس، جيڪو مٿئين اداري پاران شايع ڪيل آهي. پاڻ قاضي عبدالرزاق جي ترجمي کي آڏو رکي، قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو پڻ ڪيو اٿس. شهيد مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جي عربيءَ ۾ لکيل ”شرح ابيات سنڌي“ ائڊٽ ڪئي اٿس، جيڪا تصوّف بابت عربيءَ ۾ لکيل تفصيلي مقدمي سان شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد پاران ڇپائيءَ هيٺ آهي. عربي ٻوليءَ ۾ سندس لکيل مقالا ملڪ جي برک يونيورسٽين جي مخزنن ۾ ڇپجندا رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.09.20  عيسوي

ابڙو ڊاڪٽرعبدالحي: اديب ، دانشور ۽ عالم ڊاڪٽر عبدالحي ابڙو 20 سيپٽمبر 1961ع تي دوداپور ڀُٽو ويجهو ، ’ نئون ڳوٺ ‘ تعلقي ڳڙهي خيري ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابڙو نجم الدين
الهه بخش سگهڙ2
درازي سخي قبول محمد اول
پير محمود الحسن جان سرهندي
استاد نبي بخش مڱڻهار
قاضي محمد يحيٰ جعفري ٺٽوي
برڪت علي چوهاڻ
احسان ايڇ نديم
ديوان بهادر مرليڌر پنجابي
عباس ڪوريجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون