ابو شوڪت حمزو

ابو شوڪت حمزو

ابو شوڪت حمزو

ابو شوڪت حمزو: مشهور شاعر ۽ سياسي ڪارڪن ابو شوڪت حمزو ولد محمد خان مهر، ڳوٺ هنباهه (انباهه) لڳ چڪ، تعلقي لکي غلام شاهه ۾ 10 جون 1894ع تي جنم ورتو. سنڌي ست درجا پڙهيو ۽ ماستريءَ جي ٽريننگ بعد شهدادڪوٽ تعلقي جي دوداپور ڳوٺ جي اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. ان سان گڏ پوسٽ ماستر جو به ڪم هلائيندو هو. انهيءَ ملازمت دوران هن ٻه خط هٿ ڪيا، جن ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي خليفي ۽ مولوي عبدالڪريم ڪهاڙي کي مارائڻ جي سازش جو ذڪر هو. ان ڳالهه تي ڳوٺ جو زميندار مٿس ناراض ٿيو ۽ سازش هيٺ مولويءَ ڏانهن سرحدي قبيلن جي سردارن جا ٻه هٿرادو خط تيار ڪرايا، جن ۾ مولويءَ کي دوري تي اچڻ جي دعوت ڏني وئي ۽ هٿيارن جي پيشڪش ڪئي وئي هئي ۽ ان سازش ذريعي کيس مارائڻ جو انتظام ڪيو ويو هو. خط پڪڙڻ جي خبر تي وڏيري اهي خط هٿ ڪري سرڪار کي ڏيڻ پئي چاهيا ته جيئن مولوي صاحب کي تحريڪ ۾ حصي وٺڻ تي گرفتار ڪرايو وڃي، اهي خط دوداپور پوسٽ معرفت محمد پور وڃڻا هئا، جنهنڪري وڏيري جو ماڻهو حمزي کي وٺڻ آيو، پر هن اهي خط پاڻ وڃي مولوي صاحب کي ڏنا، جنهن جي خبر مولانا امروٽيءَ کي پئي، ان کانپوءِ اهي خط سي. آءِ. ڊي پوليس کي پيش ڪيا ويا ۽ زميندار کي گرفتار ڪرايو ويو. ان سلسلي ۾ ابو شوڪت حمزي کي رشوت جي آڇ به ڪئي وئي، پر هن نه قبولي. ابو شوڪت حمزو هڪ بهترين سياستدان ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هو. سندس غريب خاندان سان تعلق هو. 1924ع ڌاري مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صلاح سان سياست ۾ اچڻ کانپوءِ خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتائين ۽ سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏنائين. سياست ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌ جي سمورن وڏن سياستدانن سان ملاقاتون ڪيائين. ابو شوڪت جا اخبارن ۾ مضمون شايع ٿيندا رهندا هئا، جنهن ڪري کيس ڪافي شهرت ملي. هيءُ پهريون ماڻهو هو، جنهن هاري جماعت جو چڪ شهر ۾ بنياد رکيو، جيڪا اڳتي هلي حيدر بخش جتوئيءَ جي ’سنڌ هاري ڪميٽيءَ‘ ۾ شامل ٿي ابو شوڪت حمزي کي تقرير تي ملڪو حاصل هو ۽ سندس قلم ۾ به رواني هئي. هو سٺو شاعر به هو، هن شعر و شاعريءَ جي سکيا فيض دريا شاهه کان حاصل ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ عوامي رنگ هو. ۽ ان ۾ هن لفظ عام، سادا ۽ سولا استعمال ڪيا. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ڇپجي پڌرا ٿيا، جن ۾: ’انقلابي ڏنڊو‘ (1931ع) ۽ ’انقلابي ڪهاڙو‘ شامل آهن.

ابو شوڪت 1939ع وارين عام چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ صوبائي سيٽ لاءِ هارين جي مدد سان بيٺو، وقت جي ڪانگريسي مولوين، پيرن ۽ عالمن سندس نه رڳو حمايت ڪئي پر حمايت ۾ اشتهار به شايع ڪيا ويا، پر زمينداري ۽ جاگيرداري راڄ سبب اليڪشن کٽي نه سگھيو. هي

ڳڙهي ياسين جي شمس الدين خان بارڪزئي ۽ وڏيري امير بخش خان مهر جي مقابلي ۾ بيٺو هو. نمونيا ۾ڪجهه وقت بيمار رهڻ کانپوءِ 31 ڊسمبر 1944ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرام گاهه اباڻي قبرستان، پير يوسف شاهه مقام ۾ آهي. کيس اولاد ۾ ٽي پٽ شوڪت علي، محمد علي ۽ ظفر علي ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو.


لفظ ابو شوڪت حمزوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1894.06.10  عيسوي

ابو شوڪت حمزي 10جون 1894ع تي جنم ورتو


1944.12.31  عيسوي

ابو شوڪت حمزي 31 ڊسمبر 1944ع تي وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پراڻناٿ
حامد الله ’حامد‘ تنيو
احمد ملاح مولوي
بسمل ٽکڙائي
ذوالفقار سيال ڊاڪٽر
فرهاد جروار
ثناءُ الله ثنائي
بهاؤالدين
سرور ڪيريو
علي ناصر ڌاريجو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون