ابن حيات پنهور

ابن حيات پنهور

ابن حيات پنهور

ابن حيات پنهور: يارمحمد ابن حيات پنهور، 1920ع ڌاري ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ’کارڙي‘ ۾ ڄائو. اديب، ڪھاڻيڪار، مترجم ۽ محقق جي حيثيت ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. پاڻ 1949ع ڌاري اداره ادبي انجمن ۽ 1951ع ۾ پرهه ڦٽي پبليڪيشن قائم ڪيائين، جنهن هيٺ ڪيترائي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا. ابن حيات پنهور سنڌي ادبي سنگت جي ٻئي د‌ور جي ابتدائي ميمبرن مان رهيو آهي ۽ ان جون ڪيتريون ئي شاخون قائم ڪرڻ ۾ سرگرم حصو ورتو. ابن حيات پنهور ابتدا ۾ پرائمري استاد هو، بعد ۾ اتان استعيفا ڏئي سنڌي ادبي بورڊ ۾ پروف ريڊر مقرر ٿيو ۽ ويهارو سال ادبي بورڊ ۾ خدمتون انجام ڏنيون. ان کان سواءِ هن مختلف ڪتابن جا پيش لفظ، مهاڳ، ڪهاڻيون، افسانا، تاثر، تبصرا وغيره به لکيا. هيءُ ’تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دؤر‘ جي مترجمن مان آهي. نثر کانسواءِ شاعري به ڪئي. ڇهين ڪلاس لاءِ سماجي اڀياس لکڻ ۾ به حصو ورتو. ڪجهه عرصو سائين جي. ايم. سيد جي ’سنڌ متحده محاذ‘ جو حيدرآباد ۾ آفيس سيڪريٽري به رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’چار داڻا‘ (ڪھاڻي: 1951ع)، (2) ’ڪروڙپتي‘ (ڪھاڻي: 1955ع)، (3) ’توکي ساري‘ (ڪھاڻي: 1965ع)، (4) ’پئي جن پروڙ‘ (ڪھاڻي: 1981ع)، (5) ’قوم ۽ قوميت‘، (6) ’ون يونٽ ۽ متحده محاذ‘، (7) ’سنڌي ادب ۽ اسان جا اديب‘ (تنقيد)، ( ’ڀينر آءُ ڀلياس‘، (9) ’ماڻھو ۽ ڌرتي‘، (10) ’قومي گيت‘، (11) ’پرهه ڦٽي‘ (12) ’علم ۽ عمل‘، (13) ’مارڪسي فلسفو‘، (14) ’بدوي قومون‘ ۽ (15) ’اڃا آڳاهون‘ شامل آهن. 13 جنوري 2003ع تي، حيدرآباد جي ٽنڊي مير محمود ۾، محمدي مسجد لڳ ضعيفي جي حالت ۾، وفات ڪئي ۽ ٽنڊي ڄام لڳ نور شاهه قبرستان ۾ دفن ٿيو.


لفظ ابن حيات پنهورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.00.00  عيسوي

يارمحمد ابن حيات پنهور ، 1920ع ڌاري ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ’ کارڙي ‘ ۾ ڄائو .


2003.01.13  عيسوي

يارمحمد ابن حيات پنهور 13 جنوري 2013ع تي حيدرآباد جي ٽنڊي ميرمحمود ۾ ، محمدي مسجد لڳ ضعيفي جي حالت ۾ ، 13 جنوري 2003ع تي وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جان بابا مرزا ترخان
رسول بخش بروهي
ايوب گل
قاضي واجد
شبنم اداڪاره
ٿڌاڻي ڏيئومل گاگن مل
سوهارتو Suharto
راجا رام موهن راءِ
سيد ميران محمد شاهه
نواز علي نياز جعفري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون