ابراهيم کرل

ابراهيم کرل

ابراهيم کرل

ابراهيم کرل، ڊاڪٽر: مشھور ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ محقق ابراهيم کرل ولد مولا بخش 11 اپريل 1967ع تي خيرپور ۾ جنم ورتو. شاهه لطيف يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (سنڌي) ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر ادل سومري جي رهنمائيءَ هيٺ ”نسيم کرل جي ڪھاڻين جو سنڌي جائزو“ جي عنوان سان مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. 2000ع کان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺيڙهيءَ ۾ سنڌيءَ جي اسسٽنٽ پروفيسر طور ذميواريون نڀائي رهيو آهي. هو نسيم کرل يادگار ڪاميٽيءَ جو آرگنائيزر ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور جو 3 ڀيرا سيڪريٽري به چونڊيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’تنھنجي وئي کان پوءِ‘ (شاعري: 1992ع)، (2) ’روپ ٻھروپ‘ (ڪھاڻيون: 1991ع)، (3) ’درياهه جي هن پار‘ (ڪھاڻيون: 2003ع)، (4) ’سپني کان سھڻي ساڀيان‘ (ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جون تقريرون: ترتيب: 2004ع)، (5) ’موٽي ايندس مان‘ (ڪھاڻيون: 2017ع، سنڌالاجي اوارڊ)، (6) ’کجين جي ديس جا ماڻهو‘ (ناول: 2019ع، سنڌالاجي اوارڊ)، (7)”رشتن جي خانه بدوشي“ (ناول: 2019ع، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو اوارڊ، (8)’جرڪندڙ جسم اداس راتيون‘ (ناول: 2020ع، سنڌالاجي اوارڊ)، (9) ’رنگ بازار‘ (ڪھاڻيون: 2020ع، انجمن ترقي پسند مصنفين چيپٽر سنڌ، اوارڊ)، (10) ’نسيم-1‘ (نسيم کرل تي مضمون: 2018ع)، (11) ’نسيم-2‘ (نسيم کرل تي مضمون: 2021ع) شامل آهن. ابراهيم کرل هن وقت خيرپور ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ ابراهيم کرلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو