داخلا نمبر 1763
عنوان ابراهيم منشي
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 2575 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
ابراهيم منشي

ابراهيم منشي

ابراهيم منشي

ابراهيم مُنشي: سنڌ جو ناميارو عوامي شاعر منشي محمد ابراهيم سومرو، 15 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جنهاڻ سومري، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان (اڳوڻي ضلعي حيدرآباد) ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو محمد اسحاق هو، جيڪو ڪڙمت ڪندو هو. غربت جي حالت ۾ به هن پنهنجي پٽ (ابراهيم منشيءَ) کي ملان مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو. اڃا چوٿون درجو سنڌي مس پڙهيو ته مارچ 1945ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. گهر جي اٺن نون ڀاتين جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو، ان ڪري ابراهيم منشيءَ پنج درجا سنڌي پاس ڪري محنت مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي.
هنن ڏکين حالتن کان متاثر ٿي، هن 1949ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. ابراهيم منشيءَ جو پيءُ پڻ شاعر هو ۽ مولود به چوندو هو، مٿس ان جو به ڪافي اثر هو. ابراهيم منشيءَ شروع ۾ رومانوي شاعري ڪئي ۽ ڪافيون چيون.
شاعريءَ وسيلي هيٺئين طبقي جي نمائندگي ڪرڻ لڳو. هو پنهنجي شاعري ترنم سان پڙهندو هو. 1960ع ڌاري شيخ اياز جي انقلابي شاعريءَ کان متاثر ٿيو. . 66- 1965ع ۾ ماهوار ’روح رهاڻ‘ ۾ سندس شاعري ڇپي. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”پيغام مظلوم“ (1970ع) ۾ ڇپيو، ٻيو مجموعو ’وڳهه جا وريام‘ (1971ع) ۾ ڇپيو. 1985ع ۾ پريم نگر پبليڪيشن پاران سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ’گوندر ويندا گذري‘ ڇپيو، جنهن جو پيش لفظ محمد ابراهيم جويي لکيو. 1991ع ۾ سندس چوٿون مجموعو ’ڌرتي، دين، ڌرم‘ شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جو پنجون مجموعو ’ڌؤنري ڏينهن ڌاڙا‘ (1995ع) ڇپيو ۽ ڇهون مجموعو ”اکر اکر اک“ روشني پبلڪيشن پاران 2006ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. هي عوامي ۽ انقلابي شاعر 31 جولاءِ 2003ع تي هي جهان ڇڏي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.01.15  عيسوي

ابراهيم مُنشي: سنڌ جو ناميارو عوامي شاعر منشي محمد ابراهيم سومرو ، 15 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جنهاڻ سومري ، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ( اڳوڻي ضلعي حيدرآباد ) ۾ ڄائو .


2003.07.31  عيسوي

هي عوامي ۽ انقلابي شاعر 31 جولاءِ 2003ع تي هي جهان ڇڏي ويو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون