ابراهيم دائود گلزار ميمڻ

ابراهيم دائود گلزار ميمڻ: نامياري سماجي ڪارڪن ابراهيم دائود ميمڻ 28 مارچ 1912ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم مدرسه تقويت اسلام مان ورتائين. ان کانپوءِ دلاور خان هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو. جنهن بعد گهر ۾ تعليم جاري رکيائين ۽ ڪاروبار به ڪندو رهيو. ابراهيم دائود 1928ع ۾ ويراول ۾ هڪ اسلامي انجمن جو اعزازي سيڪريٽري ۽ 1942ع ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جو ڪائونسلر چونڊيو ۽ جميعت المسلمين ويراول جو ميمبر پڻ ٿيو. ان کان علاوه ان دؤر ۾ ايجوڪيشنل بورڊ جي ڪنوينر جي حيثيت سان ڪيترائي سال خدمتون سر انجام ڏنائين. هن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو حيدرآباد جي ميمڻ برادريءَ جي خدمت ۾ گذاريو. ويراول ۾ پنهنجن ادارن ۾ ”آزاد“ جي نالي سان هٿ سان لکيل رسالو شـايـع ڪـنـدو هـو. هـڪ سـٺو مقرر به هو. هن 22 مئي 1989ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.03.28  عيسوي

ابراهيم دائود گلزار ميمڻ: نامياري سماجي ڪارڪن ابراهيم دائود ميمڻ 28 مارچ 1912ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو .


1989.05.22  عيسوي

ابراهيم دائود گلزار ميمڻ: هن 22 مئي 1989ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ضياء الدين احمد
ع ق شيخ
الانا ڊاڪٽر غلام علي
ولي سروري
سٻڙ خان خدمتگار
قاضي محمد يحيٰ جعفري ٺٽوي
چي گويرا
اسلم خيرپوري
بودلو سميجو
رضيه ڀَٽي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون