ابرار قاضي

ابرار قاضي: سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ابرار قاضي ولد سچيڏنو قاضي 25 فيبروري 1942ع تي ڳڙهي تي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. انهن ڏينهن ۾ سندس والد ڳڙهي ياسين جو مختيارڪار هو. ابرار قاضي پنهنجن 9 ڀائرن ۽ ڀينرن (خورشيد قاضي، اشفاق قاضي،نسيم عالماڻي، نشاط نور رضوي، اعجاز قاضي، ارشاد قاضي، امتياز قاضي، نرگس رضا اوٺو) ۾ چوٿين نمبر تي آهي. والد جي ملازمت سبب ابرار قاضي پنهنجي تعليم مختلف شهرن مان حاصل ڪئي، جن ۾ جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، نواب شاهه، حيدرآباد وغيره اچي وڃن ٿا. هن بي ايس سي ممتاز ڪاليج خيرپور مان پاس ڪئي. ابرار قاضيءَ جا وڏا اصل ۾ حڪمت/ طب سان لاڳاپو رکندڙ هئا، هالا جا رهاڪو هئا، جيڪي پوءِ ميرن جي صاحبيءَ ۾ حڪمرانن جي دعوت تي خيرپور وڃي آباد ٿيا. هن جا وڏا ڄام آريءَ جي قبيلي ”هوت“ سان تعلق رکندڙ آهن، جڏهن ته سندس والده زبيده جوکيو جو تعلق ڳڙهي ياسين سان آهي.
ابرار قاضيءَ عملي زندگيءَ جو آغاز 1962ع ۾ پي. آءِ. اي ۾ جهاز مڪينڪ طور ڪيو. 1968ع ۾ گرائونڊ انجنيئر جو امتحان پاس ڪيائين. ائين ترقي ڪندي 1977ع ۾ سينيئر انجنيئر ٿيو. جولاءِ 1977 ۾ جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا دوران دل برداشته ٿي ملڪ ڇڏي ”عاليه اردن ايئر لائينز“(Alia, The Royal Jordonian Airlines) ۾ سينيئر انجنيئر جي حيثيت سان شامل ٿيو. 1986ع ۾ اها نوڪري ڇڏي وطن واپس آيو. حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪيائين. پنهنجي پيشي ۾ هو بوئنگ ۽ ٻين ڪيترن ئي جهازن کي سند ڏيڻ (Rating) جو اختيار رکي ٿو. حيدرآباد ۾ رهڻ دوران هو سماجي ۽ سياسي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو رهيو. 1988ع وارن نسلي وڳوڙن بعد هن پنهنجي هم خيال ساٿين سان گڏجي 1990ع ۾ ”سنڌ ڊيموڪريٽڪ گروپ“ جوڙيو، جنهن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري ٿيو ۽ ان جو صدر نامور وڪيل يوسف لغاريءَ کي چونڊيو ويو. هن گروپ گهڻي عرصي تائين سماجي ۽ سياسي ميدان تي خدمتون سرانجام ڏنيون. 1991ع ۾ هن گروپ طرفان درست آدم شماري لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ ڄام صادق حڪومت جي ڪن پاليسين جي کليل لفظن ۾ مخالفت ۽ تنقيد ڪئي. بعد ۾ 1996ع ۾ هن گروپ کي ”سنڌ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ“ ۾ تبديل ڪيو ويو. انهيءَ پارٽيءَ پاران حيدرآباد ۾ ڪرايل هڪ سيمينار ۾ مختلف پارٽين جي اڳواڻن متفق ٿي ”مظلوم قومن جو اتحاد“ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو پوءِ اسلام آباد ۾ ڪوٺايل هڪ ڪانفرنس ۾ ”پونم“جي نالي سان نروار ٿيو. ابرار قاضيءَ 2001ع ۾ ساٿين جي صلاح سان ”عوامي تحريڪ“ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان عرصي دوران عوامي تحريڪ پاران هلايل هلچل سبب ”سنڌ پاڻي ڪاميٽيءَ“ جو قيام عمل ۾ آيو. ابرار قاضي ان جو 2007ع تائين سيڪريٽري رهيو. ان ئي ڪاميٽيءَ 2003ع ۾ ”اينٽي گريٽر ٿل ڪئنال“ ۽ ”اينٽي ڪالاباغ ڊيم ايڪشن ڪميٽي“ کي جنم ڏنو ، جنهن جو بهسيڪريٽري ابرار قاضي رهيو. هن ڪاميٽيءَ سنڌوءَ جي پاڻيءَ بابت ڀرپور تحريڪ هلائي. 2007ع ۾ هن عوامي تحريڪ کي خيرباد چئي ٻيهر ”سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم“ جي ڪنوينر طور پاڻ کي سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾مصروف رکيو. انهيءَ فورم جي پليٽ فارم هن حيدرآباد جي تاريخي ماڳن جي تحفظ ۽ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن کي وڪرو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪامياب تحريڪ هلائي. هن ڪن سببن ڪري ”سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم“ تان استعيفيٰ ڏئي، 2010ع ۾ ”عوامي جمهوري ڪائونسل“ جو بنياد وڌو، جنهن جو پاڻ پهريون صدر چونڊيو ويو ۽ اڄڪلهه هو انهيءَ پليٽ فارم تان جاکوڙي رهيو آهي.
ابرار قاضيءَ سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي تي تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري هڪ معلوماتي ڪتاب “Kalabagh Dam: The Sindh Case” لکيو، جيڪو 1998ع ۾ ڇپيو. هن نسلي سياست جي خلاف ايم ڪيو ايم بابت ”سنڌ ڪيس“ ٺاهڻ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائڻ ۾ به مک ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ هو مختلف جڳ مشهور رسالن ۽ اخبارن ۾ اهم مسئلن تي مضمون ۽ ڪالم لکندو رهي ٿو. هن وقت هو حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي، جتي هو موٽرز ورڪشاپ ۽ تعميراتي ڪمن (Construction) جو ڪاروبار پڻ ڪري ٿو.


لفظ ابرار قاضيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو