داخلا جي تاريخ 2012-03-22
داخلا نمبر 3521
عنوان آگرا
شاخ قبيلا ۽ ذاتيون
پڙهيو ويو 530 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

آگرا

آگرا: مسلمانن جي ھڪ ذات جو نالو، جيڪي اڪثر سڄيءَ سنڌ ۾ آھن، ھڪ روايت موجب اصل ۾ اُهي آھن + گر يعني’لوھار‘ آھن، سنڌ ۾ رھندڙ لوھارن پاڻ کي ’آڳڙيا‘ يا ’لوھار‘ چوايو پر ٻاھران ايران ۽ افغانستان مان آيل ڪاريگرن پاڻ کي ’آھنگر‘ سڏايو، جيڪي سنڌ ۾ اڳتي ھلي ’آگرا‘ مشھور ٿيا.
ٻيءَ روايت موجب جيئن ته لوهار آڳ تي لوهه تپائي تلوارون ۽ ٻيا هٿيار يا اوزار تيار ڪندا هئا ان ڪري صحيح لفظ آڳرا يا آڳڙيا آھي، پر اڳوڻي زماني ۾ فارسيءَ ۾ لکڻ سبب آگرا ٿي ويو، ڇو ته فارسيءَ ۾ ’ڳ‘ جو اچار نه ٿيندو آھي. آڳ يا باھ جو ڪم ڪرڻ سبب کين آڳڙيا / آڳرا سڏيو ويو. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ به رسالي ۾ انھن جو ذڪر ڪيو آھي:
”اڄ آڳڙيا آئيا، سوڌا سراڻي“
آگرا سماٽ آھن، ڪجھه عرصو اڳ انھيءَ ذات مان مخدوم محمد دائود آگرو وڏو عالم ٿي گذريو آھي. ڪنڊياري تعلقي ۾ ڳوٺ محمد خان آگرو ھن ذات جو مرڪز آھي. مشھور اديب، ڪھاڻيڪار، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جو اڳوڻو چيئرمين ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو سيڪريٽري غلام رباني آگرو پڻ هن ڳوٺ جو رهواسي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

قبيلا ۽ ذاتيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باٺا
باپراڻي
باجاري
باجائِي
باجر
باجڪاڻي
باڇڪاڻي
باخلاڻي
بادا
بادِيا2
قبيلا ۽ ذاتيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون