آڪهه

آڪهه: نسل، قوم ۽ قبيلي کان پوءِ درجيوار هيٺين سطح تي هڪ ئي ابي ڏاڏي جو اولاد جنهن ۾ ڪجهه پيڙهيون هڪ ٻئي سان مربوط انداز ۾ رهنديون هجن. سنڌي سماج ۾ آڪهه مان مُراد اهڙو ڪٽنبي گروهه، جيڪو هڪ ئي گهراڻي سان لاڳاپيل هجي. اُن ۾ عورتون، ٻار، مرد، جوان، اڌڙوٽ ۽ بزرگ شامل آهن. هر ذات يا هر قبيلي ۾ ڪٽنبي گروهه جي سربراهه جي نالي سان اُها آڪهه منسوب ڪيل هوندي آهي.


لفظ آڪههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو