آڪسفورڊ يونيورسٽي

آڪسفورڊ يونيورسٽي: آڪسفورڊ (Oxford)، انگلينڊ جو مشهور شهر آهي، جيڪو ”آڪس درياهه“ جي ڪناري تي ٻڌل آهي. هن انگريزي لفظ جي لغوي معنيٰ آهي: ”آڪس درياهه جو گھاٽ (ڪنارو).“ انگلنڊ جي هِن مشهور شهر ۾، دنيا جي قديم ترين درسگاهه ”آڪسفورڊ يونيورسٽي“ پڻ واقع آهي، جنهن جو شمار دنيا جي تمام وڏن تعليمي ادارن ۾ ٿئي ٿو. هن درسگاهه جو بنياد ته قديم زماني کان رکيل آهي، پر ان ۾ باقاعده تعليم جو سلسلو 1133ع کان شروع ٿيو. 1163ع ۾ هن درسگاهه جو درجو وڌائي”يونيورسٽي“ ڪيو ويو. هن وقت ٽيهه ڪاليج ساڻس لاڳاپيل آهن. پڙهائيءَ جو طريقو ڪاليجن توڙي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ جهڙو آهي، جيڪو صرف ”ليڪچرن“ تائين محدود آهي. اتان جا استاد پنهنجي رهائشگاهن تي به تعليم ۽ تربيت ڏين ٿا. ”آڪسفورڊ يونيورسٽي“ جي مشهور ”بوڊيلين (Bodielian) لائبرري“ پوري دنيا ۾ مشهور ۽ وڏي لائبرري آهي. سال 1946ع ۾ واڌارو ڪري، هن لائبرري ۾ پنجاهه لک ڪتابن جي گنجائش رکي وئي هئي.


لفظ آڪسفورڊ يونيورسٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو