داخلا نمبر 2399
عنوان آڏواڻي
شاخ قبيلا ۽ ذاتيون
پڙهيو ويو 881 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آڏواڻي

آڏواڻي: هندن جي هڪ خاندان جو نالو، ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ موجب انهيءَ نک وارا امرتسر ۽ ملتان ۾ به آهن ۽ اروڙ ونسي سڏجن ٿا. آڏواڻين جو وڏو ڏاڏو ديوان آڏومل ولد کلومل ولد جسومل ڳوٺ ملتان لڳ لوهپور جو ويٺل، ميان نور محمد ڪلهوڙي سان سنڌ ۾ آيو هو. پهريون گهر پنجاب مان پرڻيو هو، جنهن مان ٽي پٽ هئس. چندو مل، ڏتومل ۽ لکو مل. اهي ٽئي پاڻ سان آندا هئائين. پهرين گهر واري گذاري ويس ته ٻيو گهر، ديهه ٺٽ تعلقي نوشهري فيروز مان، سيٺ آڏو مل جي گهران پرڻيو يعني سهرو ۽ ناٺي ٻنهي جو نالو آڏومل. انهيءَ ٻئي گهر مان چار پٽ ڄاوس، بهارومل، سندر داس، وسايومل ۽ ٺارو مل. ٺارو مل ڄائي ڄم کان اکين کان سڄو هو، جنهنڪري سڄي ڄمار ڪنوارو رهيو. سڏيندائي ”ٺارو جَتي“ هئس. سندس سمانڌ اڄ تائين ديوان بهادر هيرانند کيم سنگهه جي اڳوڻي آڏواڻي گهٽيءَ واري گهر ۾ آهي.
ديوان آڏومل، ميان نور محمد ڪلهوڙي وٽ شمشيرزن هو، پاڻ ٻن پٽن سميت مغلن جي لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. اهي ٻئي پٽ بي اولاد هئا ۽ ٽيون پٽ ٺارومل عمر ڀر ڪنوارو رهيو. باقي چار پٽ ايتري قدر وڌيا ويجهيا، جو آڏواڻين جا سوين گهر ٿي ويا. انهيءَ سبب آڏواڻين جون جدا جدا شاخون به آهن.


لفظ آڏواڻي هيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آهي
آخرين سفر
بجاجين جو ناٽڪ
بختاور شهيد
ٻيلا
افلاطون2
اڪال استت
اگهاڙا آواز
برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو
ابراهيم جويو
برهمو سماج (اخبار)
اتم اي جي
انگي حساب 7
آڏواڻي آنند ڪندن مل
آرتي (ڪتاب)
آزاديءَ جي ڪوڏي
آڏواڻي
آڏواڻي ، ڀيرو مل مهرچند
آڏواڻي ، پارپتي رام ڪرشن
آڏواڻي ، جڳت
آڏواڻي ، رام ڪرشن ھيرانند راھي
آڏواڻي ، سنيل سندر سنگھه
آڏواڻي لال ڪرشن
آڏواڻي ، ڪشنداس چندرا
آڏواڻي ، ڪلياڻ
آڏواڻي ڪيولرام
آڏواڻي ھيرانند شوقي رام
بگڙيل ڪٽنب
انگلنڊ جي تاريخ
اهنسا2
ايلسا قاضي
آسانند مامتورا
ايني بيسنت
بلبل بيمار
بلڙي
بلوچستان جي مختصر تاريخ
بمبئي
اخبار تعليم
اي بي آڏواڻي
اباڻا
اولڊ ڪئمپس
ڀاٽيا
ڀارت ڀوشڻ
ڀائي مهانگو ۽ مائي سهاڳو
تنقيد
ڀرتري هري
ٺٽو
ڀئن پور
ڀيرومل مهر چند
پاپ ۽ پڃ
جاگرافي2
جامع سنڌي لغات
پارپتي رامڪرشن آڏواڻي
پارپتي رميش لعل آڏواڻي
پاڙي واري
پاڻ هرتڙيون مايون
جڳتياڻي لالچند امرڏنو مل
جنب گذاريم جن سين
جوش مظفر حسين
جوڳي2
چُوڙو/ چُوڙا
چونڊ مضمون
حُر تحريڪ
حسن ۽ جنگ
حيدرآباد
حيدرآباد ناٽڪ منڊلي
خانچند درياڻي
درگداس بي. آڏواڻي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

قبيلا ۽ ذاتيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باٺا
باپراڻي
باجاري
باجائِي
باجر
باجڪاڻي
باڇڪاڻي
باخلاڻي
بادا
بادِيا2
قبيلا ۽ ذاتيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون