آچر

آچر: هفتي جي ستن ڏينهن مان هڪ ڏينهن جو نالو، ٻه هزار سال اڳ جي پالي پراڪرت جي پستڪن ۾ هي لفظ ’آديتوار‘ – ’آدچوار‘ لکيل آهي. جنهن جو مطلب آهي ’سج جو ڏينهن‘ جيڪو بعد ۾ ’آئچوار‘، ’آئچر‘ مان ڦري ’آچر‘ ٿيو آهي. ان کان سواءِ نج سنڌيءَ ۾ سج کي ’آڏت‘ به چئبو هو. ممڪن آهي ته ان مان آڏتوار – آرتوار ۽ آچر ٺهيا هجن. هن کي ”آرتوار“ ۽ آچار“ به چوندا آهن. آچر کي انگريزيءَ ۾ Sunday، ساڳي معنيٰ ’سج جو ڏينهن‘، عربيءَ ۾ ’يوم الاحد‘ ۽ فارسيءَ ۾ ’يکشنبه‘ چوندا آهن. پاڪستان ۾ ڪيترن ئي سالن کان هفتيوار موڪل آچر جي ڏينهن تي ئي ٿيندي آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومتي دور ۾ آچر بدران، سڄي ملڪ ۾ جمعي جي ڏينهن تي موڪل ڪئي وئي ليڪن جڏهن ميان نواز شريف ملڪ جو ٻيو ڀيرو وزيراعظم بڻيو ته هن جمعي جي ڏينهن بجاءِ آچر جي ڏينهن تي سڄي ملڪ ۾ هفتيوار موڪل ڪري ڇڏي ۽ اهو رواج اڃا هلندڙ آهي .


لفظ آچرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو