آهير

آهِيرَ: ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جو هڪ قبيلو، جيڪو سنڌ ۾ آباد هو. هن قبيلي جا ماڻهو ڳوٺن ۾ رهندا هئا ۽ اُتان کير کڻي شهرن ۾ وڪڻندا هئا. ڳوٺاڻا ۽ ڌاريا هجڻ جي ڪري، ساڻن سماجي معاملن ۾ وهنوار نه رکيو ويندو هو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’آهير‘ اصطلاحي لفظ ليکجي ٿو، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ’ڌاريو مرد‘، سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻي مشهور آهي ته:
آهير وڃائي اوبڻي، رن وڃايو رنبو“.
اها چوڻي سماجي لحاظ کان طنزيه ۽ تنقيدي چوڻي به آهي.


لفظ آهيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو