داخلا نمبر 3103
عنوان آهوجا
شاخ قبيلا ۽ ذاتيون
پڙهيو ويو 1302 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

آهوجا

آهوجا: اصل اروڙونسي آهن، (ڏسو: ”اروڙونسي“) عربن جي ڪاهه وقت سنڌ ۾ ڀاڄڙ پيئي ته ڪيترا آهوجا پنجاب لڏي ويا. جتان ڪي جدا جدا وقتن تي، جدا جا سببن ڪري موٽي سنڌ ۾ آيا، جنهن ڪري هن وقت هڪڙا پنجابي آهوجا ۽ ٻيا سنڌي آهوجا آهن. منجهائن ٿورا آريا سماجي آهن پر ٻيا گهڻو ڪري سڀ گروءَ جا سک آهن. فاضلڪا ضلعي فيروز پور ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن آهوجن مان ڪي زمينداري ته ڪي ڌنڌو ڌاڙي ڪندا آهن. منجهائن ڪي لکاپتي آهن. ملتان ۽ ٻين هنڌن ڪي وڏن عهدن تي آهن.
ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ ڪيترا آهوجا پنجاب کان سنڌ ۾ آيا ۽ مديجي تعلقي نوشهري ابڙي ۾ زمينداري ڪرڻ لڳا. انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل ۾ مديجيءَ کي درياهه پاتو، ته ڪي هٽي ٿورو پر ڀرو وڃي رهيا، ٻيا سکر ۽ شڪارپور ۽ ٽيان لاڙڪاڻي لڏي ويا. ائين آهوجن جون جدا جدا شاخون ٿيون، جيڪي سکر ويا ۽ اڄ تائين اتي آهن. تن جو وڏو ڏاڏو ديوان ڄيٺانند هو. سکر وارن آهوجن مان پوءِ ڪي جيڪب آباد ويا، جهڙوڪ ديوان ڪشنداس، جيڪي لاڙڪاڻي ويا، تن جو وڏو ڏاڏو ديوان خوشيرام هو، سي اٽڪل هڪ سئو ورهين کان اتي رهندا اچن. 1915ع ڌاري مديجيءَ مان ٻيا به ڪي آهوجا لاڙڪاڻي ويا، جن مان هڪڙو مسٽر پرتابراءِ وسومل آهي، جو پاڻ کي ”آهوجا“ سڏائيندو آهي، پر سندس پٽ ڪراچيءَ واري آرٽس ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر هو. سو پاڻ کي ”رام پنجواڻي“ ڪوٺائيندو هو. پيءُ ”آهوجا“ پٽ ”پنجواڻي“ سو ان ڪري مديجي وارن سڀني آهوجن جو وڏو ڏاڏو سيٺ کيمچند هو، جنهن جو پٽ سيٺ پنجاڻداس هو، تنهن ڪري ڪي آهوجا سندس نالي پٺيان پاڻ کي ”پنجواڻي“ سڏائين ٿا. منجهائن ڪي ”ديوان“ ته ڪي ”سيٺ“ سڏجن ٿا، تنهن لاءِ سبب آهي. سيٺ پنجاڻداس جو پٽ سيٺ ٻڌرمل هو، جنهن جا ٻه پٽ جاڙومل ۽ لڇيرام هئا. جاڙو مل جاگيردار هو پر ميرن وٽ نواب به هو، جنهن ڪري ”ديوان“ سڏجڻ ۾ آيو. ڳڙهي ياسين وارا آهوجا پاڻ کي اڄ تائين ”ديوان“ سڏائيندا آهن، پر ٻيا اڪثر ”ڀائيبند“ ليکبا آهن، جيتوڻيڪ ڏاڏنگ ساڳيو ئي اٿن.
شڪارپور ۾ لکي در اندر، ”بن جي حويلي“ آهي، جا سيٺ بنمل آهوجا جي نالي پٺيان سڏجي ٿي. سندس نسل مان سيٺ شولداس ليکراج ولد سيٺ چمن داس ولد سيٺ بچو مل بنمل آهي.
سيٺ شولداس ليکراج جا وڏا پنجاب کان اول ڪڇي (قلات) ڏانهن، واپار سانگي ويا هئا، سندس ناناڻا ديوان ڄيٺمل جي آڪهه وارا آهن، ديوان ڄيٺمل ولد ديوان ٻيليرام حيدرآبادي ميرن جي صاحبيءَ ۾ شڪارپور جو گورنر هو. سيٺ شولداس جسٽس آف پيس، ڪمشنر صاحب جو درٻاري ۽ شڪارپور ڪاليج جي بورڊ جو ميمبر رهيو، پندرهن ورهيه کن شڪارپور جو ميونسپل ڪائونسلر، شڪارپور ۽ فاضلڪا (پنجاب) جو آنرري مئجسٽريٽ ۽ شڪارپور جو آنرري مئجسٽريٽ بينچ جو چيئرمين هو. شڪارپور جو ”بواءِ اسڪائوٽ ايسوسيئيشن“ جو مربي ۽ وائيس پريزيڊنٽ ۽ شڪارپور جي ايڊيوڪيشن سوسائٽي، ليڊي ڊفرن اسپتال، فيميل هيلٿ ايسوسيئيشن، سنڌ ۽ پنجاب جي ”انڊين ريڊ ڪراس سوسائٽيءَ“ ۽ پنجاب جي وار ليگ جو لائيف ميمبر ۽ سکر جي سينٽرل ڪو آپريٽو بئنڪ جو ميمبر هو. سنڌ ۾ اهو ئي صاحب پهريون هو، جنهن شڪارپور ۾ وڏي پئماني تي ”هوزيئري“ جو ڪارخانو کوليو هو، جو سندس نالي پٺيان ”شولداس نٽنگ ائنڊ ويونگ ملز“ سڏبو هو.
سيٺ سوشلداس آهوجا جو مربي فرزند راءِ صاحب گوڪلداس هو، جنهن جو جنم شڪارپور ۾ 31 آڪٽوبر 1907ع تي ٿيو هو. شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ تائين پڙهيو. ننڍڙي ئي هوندي تکو اسڪائوٽ ۽ راندين روندين ۾ برک هو، جنهن ڪري اسڪول ۾ ٽينس سيڪريٽري، ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪئپٽن ۽ اسڪول جي هڪ ”ٽروپ“ جو اسڪائوٽ ماسٽر ۽ شڪارپور شهر جي ”بواءِ اسڪائوٽ ايسوسيئيشن“ جو آنرري سيڪريٽري هو. 1927ع کان وٺي 1930ع تائين پهريائين ”شڪارپور اسڪائوٽ“ ۽ پوءِ ”سنڌ اسڪائوٽ“ جاري ڪيائين، جنهن بمبئي جي ٻن گورنرن سرليلي ولسن ۽ سرفيڊرڪ سائيڪس جو ڌيان ڇڪيو ۽ اهي انجا مربي ٿيا. 1930ع ۾ سندس پتا سيٺ شولداس آمريڪا جي ٽئٽرسفيلڊ ڪمپنيءَ لاءِ اُن خريد ڪرڻ واسطي ڪراچيءَ ۾ گهرائي ورتس، جتي اهو ڌنڌو ڪيائين. انهيءَ مشغوليءَ هوندي به ڪراچيءَ جي ٻارهين ساڌو هيرانند ٽروپ جو اول اسسٽنٽ اسڪائوٽ ماسٽر ۽ پوءِ اسڪائوٽ ماسٽر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. 1933ع ۾ ”سنڌ اسڪائوٽ جمبوري“ برپا ڪيائين. 1938ع ۾ مسٽر اي بليو. اوڪلي نالي هڪ گوري سان گڏجي سامونڊي اسڪائوٽنگ جاري ڪيائين. ان کي پڪي پائي تي بيهارڻ لاءِ هڪ ”سي اسڪائوٽ گروپ ڪائونسل“ ٺاهيائون جنهن جا ميمبر وڏيءَ هلنديءَ پڄنديءَ وارا ٿيا. انهيءَ اسڪائوٽ گروپ برپا ڪرڻ جو مهورت سنڌ جي گورنر سرلانسيٽ گرهام، 15 اپريل 1939ع جي، گورنمينٽ هائوس ۾ ڪيو.
سامونڊي اسڪائوٽن ۾ خدمت جو انگ ايترو ته ڦوڪيائين جو ڪيترن ئي ڄڻن کي سمنڊ ۾ ٻڏي وڃڻ کان بچايو هيائون. هيءُ هڪ وڏو نيڪيءَ جو ڪم هو، جو سڀاويڪ طرح عام خلق کي گهڻو پسند پيو ۽ سرڪار به ڪيتريون سهوليتون ڪري ڏنيون ۽ موٽربوٽ به مليل هئن ۽ ٻين کي به سامونڊي اسڪائوٽنگ سيکاريندو رهيو. ائين پنهنجو تن، من ۽ ڌن انهيءَ ڀلي ڪم بلي ڏيئي بيٺو. ”ڪراچي هاربر موٽر بوٽ پئٽرول“، جو ڪراچي بندر جي بچاءَ لاءِ هو، تنهن ۾ پهريائين پاڻ داخل ٿيو ۽ 1 سيپٽيمبر 1941ع کان وٺي ”رايل انڊين نيول والنٽيئر رزرو“ جو آنرري ليفٽيننٽ ٿيو. سندس قدر سڃاڻي جنوري 1946ع ۾ سرڪار ”راءِ صاحب“ جو لقب ڏنس.
سيٺ شولداس جو ٻيو نمبر فرزند سيٺ دولترام هو. شڪارپور ۾ پڻس ”هوزري“ جو ڪارخانو کوليو، ته هيءُ ننڍڙي هوندي ئي، کيس انهيءَ ڪم ۾ مدد ڪرڻ لڳو. اُڻڻ جو سمورو ڪم سندس نظر هيٺ ٿيندو هو. ائين چاهه وڌيس ته پنجاب جي سرڪاري ”هوزيئري انسٽيٽيوٽ“ مان سکيا وٺي، ڪوٽن، جرسين، گنجي، فراڪن وغيره جا اهڙا نوان نوان نمونا ڪڍيائين جو ڏيهي توڙي يوروپي لوڪ اهي پسند ڪرڻ لڳا. سکر جي اڳوڻي ڪليڪٽر مسٽر ايڇ. ٽي. سورلي آءِ. سي. ايس جي ڌرمپتنيءَ لکيو آهي ته، ”منهنجو اوني ڪوٽ ۽ گهگهرو شڪارپور جي انهيءَ ڪارخاني جا ٺهيل، منهنجي مڙس مون کي ناتال جي سوکڙي ڪري موڪليا هئا. اسڪاٽ لينڊ ۾ اهي جن به ڏٺا تن واهه واهه ڪئي!“ سنڌ جي جڙيل شيءِ جي ساراهه يورپ وارا ڪن، سا سنڌ لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. شڪارپور وارو اهو ڪارخانو بند ڪري ان جي بدران، سيٺ دولترام، ڪراچيءَ جي جيل طرف، هڪ چڱي پيماني تي، ”سٽئنڊرڊ نٽنگ“ نالي ڪارخانو کوليو.
سيٺ دولترام ۾ ديس شيوا جو انگ هو، ۽ پڪو اسڪائوٽ هو، 1939ع جي سکر ۽ شڪارپور وارن فسادن مهل هن نوجوان، شڪارپور جي امن امان لاءِ پنهنجي اسڪائوٽ ٽروپ سميت، رات ڏينهن پهرو پئي ڏنو. سرڪار به سندس قدر سڃاڻي، کيس آفرين نامو ۽ روالور ۽ بندوق رکڻ جو پروانو ڏنو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

قبيلا ۽ ذاتيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باٺا
باپراڻي
باجاري
باجائِي
باجر
باجڪاڻي
باڇڪاڻي
باخلاڻي
بادا
بادِيا2
قبيلا ۽ ذاتيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون