آفتاب شاهه جيلاني

آفتاب شاهه جيلاني

آفتاب شاهه جيلاني

آفتاب شاهه جيلاني: سنڌ جي برگزيده شخصيت پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ جو فرزند پير آفتاب حسين شاهه جيلاني، 15 نومبر 1946ع تي ميرپورخاص ۾ ڄائو. پرائمريءَ کان مڊل تائين تعليم سينٽ مائيڪل ڪانوينٽ اسڪول ميرپورخاص ۾ حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص مان ڪيائين. بي. ايس سي (آنرس) ۽ ايم. ايس سي (آنرس) زرعي ڪاليج (يونيورسٽي) ٽنڊي ڄام مان پاس ڪيائين. ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي تعليم دوران ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪئپٽن رهيو. ڪرڪيٽ جو فرسٽ ڪلاس رانديگر رهيو. سنڌ جي ٽيم جو ڪئپٽن رهيو آهي. 1972ع کان 1977ع تائين سنڌ ڪرڪيٽ ائسوسيئيشن جو وائيس پريزيڊنٽ رهيو. ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ قائداعظم ٽرافي، ايوب ٽرافي ۽ پينٽگيولر ٽرافي حاصل ڪري چڪو آهي. 1974ع ۾ سريلنڪا ۽ سنڌ درميان ڪرڪيٽ ٽيم جو ميمبر رهيو. 1995ع ۾ ڀارت ۾ سارڪ ملڪن طرفان کيڏجندڙ سيف گيمز (SAF Games) ۾ پاڪستاني ٽيم جو چيف ڊي مشن (Chief d. Mission) يعني رانديگرن جي ٽيم جي اڳواڻ طور شرڪت ڪيائين. 1996ع ۾ ڪلڪتي (ڀارت) ۾ ورلڊ ڪپ جي شروعات (Opening) ۾ وفد جي ميمبر جي صورت ۾ شريڪ ٿيو. کيس زرعي يونيورسٽيءَ مان راندين جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي اعزازي طور شيلڊ به ڏني وئي. ابتدا کان وٺي سياست ۾ پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل رهيو. 1977ع ۾ صوبائي اسيمبلي سنڌ جو ميمبر ۽ تعليم ۽ ٻيلي کاتي جو وزير رهيو. 1993ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1996ع ۾ به قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1988ع ۾ حڪومت سنڌ ۾ صنعتن جو وزير ۽ 1990ع ۾ خوراڪ ۽ زراعت جو وفاقي وزير رهيو. پير آفتاب شاهه جيلاني، 1986ع کان 1993ع تائين وارو عرصو نئشنل پيپلزپارٽيءَ ۾ نامور سياستدان رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ سان گڏ رهيو. 1993ع کان 1996ع تائين ڪلچر، اسپورٽس ۽ ٽوئرزم جي اسٽئنڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين؛ 1996ع تائين خوراڪ ۽ زراعت جي اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر، ۽ 1993ع کان 1999ع تائين ڪشمير بابت خاص ڪميٽيءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي. 2002ع ۽ 2008ع وارين عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. 2008ع ۾ سيد يوسف رضا گيلانيءَ جي دؤر ۾ راندين، ثقافت، بين الصوبائي رابطن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو وفاقي وزير ٿي رهيو. پيرصاحب جا پنھنجي والد بزرگوار وانگر سنڌ جي اهم خاندانن: پيرصاحب پاڳاري، هالن جي مخدوم صاحبن، ڄاموٽ خاندان، راشدي برادران سان لاڳاپا رهيا آهن ۽ خاص ڪري سائين جي ايم سيد ۽ ڀٽي خاندان سان سندس تمام گهاٽي ويجهڙائي رهي آهي.


لفظ آفتاب شاهه جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.11.15  عيسوي

پير آفتاب حسين شاهه جيلاني ، 15 نومبر 1946ع تي ميرپورخاص ۾ ڄائو .



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اصغر خان
ابڙو تاج محمد
احمد علي خان جلباڻي
آصف علي زرداري
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان جتوئي
بينظير ڀٽو شهيد
اڪبر خان بگٽي
اختر مينگل
آنند هنڱوراڻي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون