آغا صوفي

آغا صوفي

آغا صوفي

آغا صوفي: آغا غلام نبي ”صوفي“ ولد آغا گل حسن سيپٽمبر 1889ع ۾ شڪارپور جي دراني قبيلي ۾ پيدا ٿيو. هو مشھور شاعر ڊرامه نويس، علم حڪمت ۽ تصوف جو ڄاڻو ۽ سچل سرمست جو سوانح نگار ٿي گذريو آهي. آغا صوفي سچل سائين جو رسالو ترتيب ڏئي ڇپايو هو، جنھن ۾ سچل سائينءَ جي سوانح تفصيل سان ڏنل آهي، هن رسالي ۾ ڪافيون ٿوريون شامل ڪيل آهن پر بيتن جو وڏو تعداد آهي. آغا صوفي مئٽرڪ جو امتحان سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي مان پاس ڪري اچي خيرپور ميرس ۾ پنھنجي والد سان گڏ رهڻ لڳو، جتي سندس والد ان وقت رياست جو نائب وزير هو. آغا صوفي ننڍپڻ کان شاعراڻي طبيعت جو مالڪ هو. شروع ۾سندس تخلص ”دراني“ پوءِ ”صوفي“ ۽ ڪٿي ”نانڪ“ ۽ ڪٿي وري ”آغا“ به استعمال ڪيو اٿس. هن حڪمت تي ڪتاب لکيا، جن مان ”طبي جواهر“ جيڪو شعر ۾ لکيل آهي، گهڻو مشھور آهي. ان کان علاوه ”مناجات قرآن“ ۽ ڊرامي جي تاريخ بابت ”تاريخ ڊراما“ به لکيائين ۽ ”سچل سرمست“ نالي به هڪ ڪتاب لکيل اٿس. 1924ع ۾ ’الھلال ڊرائميٽڪ سوسائٽي‘ جو شڪارپور ۾ بنياد وڌو. 11 جولاءِ 1938ع تي وفات ڪئي.


لفظ آغا صوفيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1889.00.00  عيسوي

آغا غلام نبي ” صوفي “ ولد آغا گل حسن سيپٽمبر 1889ع ۾ شڪارپور جي دراني قبيلي ۾ پيدا ٿيو .


1938.07.11  عيسوي

آغا صوفي 11 جولاءِ 1938ع تي وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اياز عالم ابڙو
خليفو عبدالحميد چانڊيو حڪيم
ارباب عطاءُ الله
اظهر سولنگي
عبدالحئي گهوٽو مولانا
پريتم ڀڳت
ٻاگهي
شاهه اسماعيل ڀڙي وارو
پهلوان فقير ڊومڪي
حڪيم محمد صادق راڻيپوري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون