آغا سليم

آغا سليم

آغا سليم

آغا سليم: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب ۽ ناول نگار آغا سليم جو اصل نالو آغا خالد سليم ولد آغا عبدالڪريم خان آهي. هن 7 اپريل 1935ع تي شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو. بي. اي. تائين تعليم ورتائين. ريڊيو پاڪستان مان اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. بهترين افسانه نگار، ڊراما نگار، شاعر ۽ ناول نويس طور سڃاتو وڃي ٿو. رٽائرمينٽ کان پوءِ صحافت جي ميدان ۾ گهڙيو. پهرين روزاني ”جاڳو“ ۽ پوءِ روزاني ”سچ“ اخبار جو ايڊيٽر رهيو. سندس تصنيفون هيٺين ريت آهن: ’روشنيءَ جي تلاش‘ (ناولٽ: 1964ع)، ’چنڊ جا تمنائي‘ (ڪهاڻيون: 1967ع)، ’لذت گناهه‘ (ڪهاڻيون)، ’اونداهي ڌرتي، روشن هٿ‘ (ناول)، ’درد جو شهر‘ (ڪهاڻيون)، ’همه اوست‘ (ناول)، ’پٺاڻ‘ (ذاتيون)، ’ڌرتي روشن آهي‘ (افسانا)، ’اڻپورو انسان‘ (ناول)، ’ڍولا مارو‘ (تحقيق)، ’لالن لال لطيف ڪهي‘ (لطيف جي ڪلام جو منظوم اردو ترجمو)، ’باب فريد‘ (ترجمو ۽ تحقيق) صدين جي صدا (شيخ اياز متعلق مضمون)، سندهه ڪي موسيقي (اردو) ’بابا فريد جا دوها‘ وغيره. آغا سليم شاهه لطيف جي انهن پارکن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن شاهه جي رسالي جو اردو ۽ انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو، سندس ان گرانقدر ڪم تي مشتمل رساله ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (منظوم ترجمه) Mourning Melody (سر سورٺ جو انگريزي ترجمو) Melodies of Shah Abdul Latif Vol. I, II, III انگريزي ترجمو) ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن، کيس ”شاهه لطيف اوارڊ“ سان پڻ ٻه دفعا نوازيو ويو آهي. 2005ع ۾ کيس صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي پڻ ڏنو ويو. آغا سليم 12 اپريل 2016ع تي وفات ڪئ، سندس مزار ڀٽ شاهه ۾ آهي.


لفظ آغا سليمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.04.07  عيسوي

آغا سليم 7 اپريل 1935ع تي شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو .


2016.04.12  عيسوي

آغا سليم 12 اپريل 2016ع تي وفات ڪئي،سندس مزار ڀٽ شاهه ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جلال محمد مخدوم2
جهمٽ مل ٽلواڻي
صبا قمر
سيده بيگم
ارباب ڇڄڙو
آشا درگاپوري
جانڻ فقير
شاهه عبدالله بن عبدالعزيز
جهانگيرڪرامت
عثمان عباسي مخدوم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون