آغا تاج محمد خان

آغا تاج محمد خان

آغا تاج محمد خان

آغا تاج محمد خان: (1904- 1959ع) نامور تعليم دان، عالم ۽ اديب تاج محمد خان'>آغا تاج محمد خان 16 سيپٽمبر 1904ع ۾ تعلقي ۽ ضلعي سکر جي ڳوٺ ’باگڙجيءَ‘ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو عبدالمجيد خان هو. هن کي پهريائين قرآن پاڪ جي تعليم ڏيارائي وئي، ۽ ڪجهه پارسي پڙهائي، پوءِ ڳوٺ جي سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن سنڌيءَ جا پنج درجا پاس ڪيا. آغا تاج محمد والد جي طرفان نسلي طرح افغاني هو ۽ والده جي طرفان ايراني هو، تنهنڪري ابتدا کان وٺي سنڌي ۽ فارسي ٻولين سان رغبت هئس. آغا صاحب ثانوي تعليم سکر شهر جي ميونسپل اسڪول ۾ حاصل ڪئي. سال 1925ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. آغا تاج محمد بي. اي ۽ بي. ٽي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي. گرئجوئيشن 1929ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. ان عرصي ۾ سنڌ مدرسي ۾ استاد رهيو. 1932ع ۾ علي ڳڙهه مان بي. ٽي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ مدرسي ۾ مستقل استاد مقرر ٿيو. لوڪل بورڊ جي ملازمت ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ انسپيڪٽر آف اسڪولس ٿيو ۽ ان کان پوءِ خيرپور رياست ۾ ڊائريڪٽر آف اسڪولس مقرر ٿيو. آغا تاج محمد پنهنجي وقت جو انگريزيءَ، سنڌيءَ، اردو ۽ فارسيءَ جو مشهور مقرر ليکيو ويندو هو. 1941ع ۾ حڪومت برطانيه طرفان کيس ”قيصر هند“ جو ميڊل مليو. 1945ع ۾ کيس ”خان صاحب“ جو لقب مليو. 1949ع ۾ کيس پاڪستان کي يونيسڪو ۾ متعارف ڪرائڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. 1948ع کان صوبائي اسڪائوٽ ڪمشنر رهيو. ابتدا کان ريڊڪراس سان وابسته هو ۽ روٽري ڪلب جو ميمبر پڻ رهيو. 1953ع ۾ کيس ”جسٽس آف پيس“ جي لقب سان نوازيو ويو. ”ڀٽ شاهه ميموريل ڪائونسل“ ۽ ”شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر“ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو بنيادي ميمبر سيڪريٽري ۽ بنياد وجهندڙ هو ۽ آخري دم تائين ميمبر رهي خدمت ڪندو رهيو.
سنڌ يونيورسٽيءَ کي قائم ۽ سگهارو ڪندڙن ۾ آغا صاحب جو نالو هميشه ياد رهندو. پاڻ يونيورسٽي قائم ٿيڻ کان وٺي، سندس انتقال تائين پورا 12 سال يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار رهيو. سندس دور سنڌ يونيورسٽيءَ جو سونهري دور ليکيو ويندو آهي.
آغا صاحب اديب، شاعر، ليکڪ، تعليمدان ۽ وڏو منتظم هو. سنڌي گرامر تي سندس ڪيترا ڪتاب لکيل آهن. هن شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر تي به مقالا لکيا آهن. سندس شمار انهن ٿورن اديبن ۽ تعليمي ماهرن ۾ ڪيو ويندو آهي، جن کي راڳ جي ڄاڻ هئي. آغا صاحب 10 آڪٽوبر 1959ع تي حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪيو.


لفظ آغا تاج محمد خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1904.09.16  عيسوي

آغا تاج محمد خان 16 سيپٽمبر 1904ع ۾ تعلقي ۽ ضلعي سکر جي ڳوٺ ’ باگڙجيءَ ‘ ۾ ڄائو .


1959.10.10  عيسوي

اديب آغا تاج محمد خان 10 آڪٽوبر 1959ع تي حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام بخش قادري
سيد صالح محمد شاهه 2
حميد شيخ
محمد رفيق بلوچ
اڏيرو لال
جتوئي غلام رسول عرف عاقب خان
عبدالستار خان گبول
خدا بخش خان ٽالپر ضياء
پيٽراعظم
ابوالليث صديقي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون