داخلا نمبر 3859
عنوان آسٽريليا
شاخ ملڪ
پڙهيو ويو 777 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
آسٽريليا

آسٽريليا

آسٽريليا

آسٽريليا (Australia ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو فيڊريشن آف آسٽريليا (Federation of Australia) آهي. اهو لاطيني لفظ آسٽرالس (Australis) مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي ”ڏاکڻي زمين“. هي ملڪ ڏکڻ اولهه پيسفڪ سمنڊ ۾ آهي، هن جي اتر ۾ تيمور ۽ آرا فورا سمنڊ، اوڀر ۾ ڪورل سمنڊ ۽ تسمان سمنڊ ۽ اولهه ۾ هندي سمنڊ آهي.

آسٽريليا زمين جي ڏکڻ پاسي واري اڌ ڀاڱي تي هڪ ڌار وڏو کنڊ ۽ هڪ وڏو ٻيٽ آهي. هي ايراضيءَ جي لحاظ کان دنيا جو ڇهون وڏو ملڪ آهي، جنهن جي ڪل پکيڙ 7692300 چورس ڪلوميٽر (2266150 چورس ميل) ۽ آبادي ٻن ڪروڙن کان مٿي آهي. گاديءَ جو هنڌ ڪينبرا (Canberra) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ ڪاسڪيوسڪو (بلندي: 2230 ميٽر) آهي. آسٽريليا جي سرڪاري ٻولي انگريزي آهي، جڏهن ته هتي اٽالين ۽ يوناني پڻ ڳالهائجن ٿيون، موسم گرم ۽ خشڪ هوندي آهي. اندرين علائقن ۾ مينهن گهٽ پوندو آهي.

آسٽريليا جي مکيه زرعي پيداوار ڪڻڪ، جوئر، ڪمند، ڪپهه، ميوا ۽ ڀاڄيون آهن . هتان جي مکيه صنعتن ۾ فولاد، ايليومينم، گاڏيون، ڪپڙي جي اڻت، مشينري، سياحت، ان ۽ گوشت جي پيڪنگ آهي ۽ مکيه معدنيات، لوهه، ڪوئلو، باڪسائيٽ، ٽامو، سون، چاندي، قلعي، يورينيم، پيٽروليم، گيس، هيرا ۽ جست آهي.

آسٽريليا کي خوش بختيءَ جي زمين به چيو ويندو آهي. هتي سڀ کان اڳ جيڪي ماڻهو اچي آباد ٿيا، سي شايد تسمانين هئا، جن 40 هزار سال اڳ ڏکڻ ايشيا مان لڏپلاڻ ڪري تسمانيا (Tasmania) اچي وسايو، جيڪي آسٽريليا جا اصلوڪا رهواسي (aborigines) سڏيا ويندا آهن، جڏهن ته گوري نسل جا ماڻهو گهڻو ڪري انهن يورپي خاص ڪري انگريز ماڻهن جو اولاد آهن، جن کي قيدين جي صورت ۾ ٻيڙن ذريعي هن ڏورانهين کنڊ تي اڇلايو ويندو هو. 10هين صدي عيسويءَ ۾ پهريون مسلمان هتي واپار جي غرض سان آيو. 14هين صدي عيسويءَ ۾ مسلمان آسٽريليا جي اترئين ڪناري تي آباد ٿيڻ لڳا، جنهن تي عرب واپارين جو ڪنٽرول هو. يورپي 17هين صدي عيسوي ۾ آيا. ولنڊيزي 18 هين صدي عيسويءَ ۾ داخل ٿيا ۽ هن کي نيو هالينڊ جو نالو ڏنائون. 20 اپريل 1770ع تي ڪيپٽن جيمز ڪڪ برطانيا پاران اوڀرئين ڪناري تي قبضو ڪيو، جتي اصلوڪا قبيلا آباد هئا.

آسٽريليا هڪ فيڊريشن آهي، جتي آئيني بادشاهت ۽ برطانوي طرز جي پارلياماني جمهوريت آهي. راڻي ايلزبيٿ-II رياست جي هيڊ آف اسٽيٽ ۽ هٿياربند فوجن جي سپريم ڪمانڊر آهي.

آسٽريليا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو پهرين جنوري 1901ع آهي ۽ کيس گڏيل قومن جي اداري جي ميمبرشپ پهرين نومبر 1945ع کان مليل آهي. 2010ع جي غير سرڪاري انگن اکرن موجب آسٽريليا جي آبادي 22,333,569 آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1300.00.00  قبلِ مسيح

14 هين صدي عيسويءَ ۾ مسلمان آسٽريليا جي اترئين ڪناري تي آباد ٿيڻ لڳا


1600.00.00  قبلِ مسيح

يورپي 17هين صدي عيسوي ۾ آيا


1700.00.00  قبلِ مسيح

ولنڊيزي 18 هين صدي عيسويءَ ۾ داخل ٿيا


1770.04.20  عيسوي

20 اپريل 1770ع تي ڪيپٽن جيمز ڪڪ برطانيا پاران اوڀرئين ڪناري تي قبضو ڪيو


1901.01.01  عيسوي

آسٽريليا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو پهرين جنوري 1901ع آهي



ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باگڙ ديس
بحرين
اسرائيل
افغانستان
برطانيا
برما
انڊيا
انگلنڊ
اردن
ايران
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون