داخلا جي تاريخ 2012-06-27
داخلا نمبر 3856
عنوان آسٽريا
شاخ ملڪ
پڙهيو ويو 662 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
آسٽريا

آسٽريا

آسٽريا

آسٽريا (Austria ):هن ملڪ جو نالو جمهوريه آسٽريا (Republic of Austria) آهي، آسٽريا جرمن زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”فرانڪن جي اوڀر واري بادشاهت“. هن ملڪ جي اتر ۾ جرمني، چيڪ جمهوريه ۽ سلوواڪيا، اوڀر ۾ هنگري، ڏکڻ ۾ سلووينيا ۽ اٽلي، اولهه ۾ سوئيزرلئنڊ ۽ ليچن اوسٽين موجود آهن.

آسٽريا سمنڊ کان سواءِ جابلو ملڪ به آهي ۽ پنهنجين سهڻين ٽڪرين جي دل لڀائيندڙ منظرن سبب سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. آسٽريا جي ڪل پکيڙ 83854 چورس ڪلوميٽر (32368 چورس ميل) ۽ آبادي 85 لک آهي. گاديءَ جو هنڌ ويانا (Viena) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ گداس گلوڪنز (بلندي: 3797 ميٽر) آهي. هن ملڪ جي سرڪاري زبان جرمن آهي، جڏهن ته سربوڪروٽ ۽ ٽرڪش پڻ ڳالهائجن ٿيون. موسم نهايت خوشگوار ۽ وڻندڙ آهي، سردين ۾ سخت سردي پوندي آهي، جڏهن ته گرمين ۾ موسم وچٿري هوندي آهي.

آسٽريا جي مکيه زرعي پيداوار ۾ پٽاٽا، جوئر، چقندر، مڪئي، ڪڻڪ، ڪپهه ۽ انگور وغيره شامل آهن. مکيه صنعتن ۾ فولاد، مشينري، گاڏيون، بجليءَ جو سامان، آپٽيڪل شيشي جون پروڊڪٽس، ڪاغذ، ٽيڪسٽائيل، سيمنٽ، ڪيميائي شيون آهن ۽ مکيه معدنيات ۾ ڪپهه، لوهه، تيل، ميگنائيٽ، گرينائيٽ، قدرتي گيس، جست، ٽامو ۽ زنڪ آهي.

آسٽريا جي هاڻوڪن علائقن ۾ ماڻهو هزارين سال اڳ به رهندا هئا، پر تاريخدانن کي انهن بابت ڪا ڄاڻ ناهي ملي سگهي. 800 ق.م ۾ ماڻهو کاڻين کوٽڻ جو ڪاروبار ڪندا هئا ۽ انهن جو ڌنڌو ڪچي لوهه ۽ لوڻ جو واپار هو. 15ق.م ۾ رومين هن علائقي کي پنهنجي بادشاهت ۾ شامل ڪيو. 955ع ۾ آسٽريا جرمن سلطنت جو حصو ٿيو. 964ع ۾ پوپ اوٽو پهرئين کي مقدس رومن شهنشاهه جو لقب ڏنو، ان ريت مقدس رومن امپائر جي حيثيت سان 1806ع تائين آسٽريا تي هن جي حڪومت رهي. آسٽريا ڊيموڪريٽڪ فيڊرل جمهوريه آهي، جنهن جو هيڊ آف اسٽيٽ ۽ فوج جو ڪمانڊر انِ چيف صدر آهي، جنهن کي عوام 06 سالن لاءِ چونڊيندو آهي. آسٽريا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 26 آڪٽوبر 1955ع آهي. هي ملڪ 14 ڊسمبر 1955ع کان گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جو ميمبر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

800.00.00  قبلِ مسيح

800 ق . م ۾ ماڻهو کاڻين کوٽڻ جو ڪاروبار ڪندا هئا


15.00.00  قبلِ مسيح

15ق . م ۾ رومين هن علائقي کي پنهنجي بادشاهت ۾ شامل ڪيو


955.00.00  عيسوي

955ع ۾ آسٽريا جرمن سلطنت جو حصو ٿيو


1955.10.26  عيسوي

آسٽريا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 26 آڪٽوبر 1955ع آهي


1955.12.14  عيسوي

آسٽريا 14 ڊسمبر 1955ع کان گڏيل قومن جي اداري ( U . N . O ) جو ميمبر آهي



ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باگڙ ديس
بحرين
اسرائيل
افغانستان
برطانيا
برما
انڊيا
انگلنڊ
اردن
ايران
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون