آسر فقير

آسر فقير: فقير آسر ولد ميرڻ خواجه ، ضلعي ٺٽي ، تعلقي جاتيءَ جي ڳوٺ تڙ خواجا ۾ 11 جمادي الثاني 1310هه/31 ڊسمبر 1892ع تي ڄائو . سندس والد هن کي موسيقيءَ جي سکيا ڏياري ، جنهنڪري آسر جوانيءَ ۾ مشهور موسيقار ٿي پيو . اڪثر سندس مئخانو راڳيندڙن سان ڀريل هوندو هو . پاڻ طنز و مزاح ۾ ايترو ته ڀڙ هوندو هو ، جو اڪثر سندس ٽوٽڪن ۾ کل ڀوڳ جي انداز ۾ نصيحت ڀريل هوندي هئي . آسر فقير راڳ جي رهاڻ سان گڏ ، سنڌي ، اردو ۽ سرائيڪيءَ ۾ ڪافي شعر چيا آهن . سندس خاص دوستن ۾ سانوڻ فقير ، احمد هنڱورجو ، الهڏنو ۽ بصر جا نالا ورتا وڃن ٿا . 27 شوال 1377هه/17 مئي 1958ع تي وفات ڪيائين . ڳوٺ ۾ سندس نالي سان اڄ به اوتارو قائم آهي ، جتي پاڻ ابدي آرامي آهي .


لفظ آسر فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1892.12.31  عيسوي

آسر فقير 31 ڊسمبر 1892ع تي ڄائو


1958.05.17  عيسوي

آسر فقير 17 مئي 1958ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حفظ الله علوي مير
آصفه ڀٽو زرداري
دلشاد چاوڙو
عطيه دائود
پشپا ڀاوناڻي
جماڻي مدن
عرفانه ملاح
ڀيو ڪوڙا خان
جيسر حافظ محمد اسماعيل
حسين شاهه فاضلاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون