داخلا جي تاريخ 2012-03-14
داخلا نمبر 2726
عنوان آزادي
شاخ سماج
پڙهيو ويو 629 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آزادي

آزادي: آزاديءَ جو عام مفهوم اهو آهي ته انسان ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين آزاد آهي، جيڪڏهن پابند آهي ته فقط فطرت جو، مثلاً ساهه کڻڻ، وڌڻ ويجهڻ ۽ مرڻ جي معاملن ۾؛ باقي سڀني ڳالهين ۾ هو آزاد آهي. سندس سوچ ويچار، اُٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، گهمڻ ڦرڻ، فطرت جي مظاهر سان روشناس ٿيڻ ۾ هر طرح آزاد آهي؛ پر اسين جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، اهو سڄو ئي پابندين جو مجموعو آهي، جيڪي خود انسان جون ئي گهڙيل ۽ ٺاهيل آهن. انهن ۾ به گهڻي قدر انساني فطرت کي عطا ٿيل آزاديءَ تي ڪابه پابندي پيل نه آهي. مثال طور سوچڻ ويچارڻ، پڙهڻ ۽ لکڻ جهڙين نعمتن ۾ انسان کي هر ملڪ جي قانون ۾ آزادي مليل آهي. انهيءَ لحاظ سان خودبخود تحرير ۽ تقرير جي آزاديءَ جو حق ملي وڃي ٿو. ملڪي آزاديءَ کان پوءِ مذهبي آزاديءَ ۽ تحرير ۽ تقرير جي آزاديءَ لاءِ هيٺينءَ طرح فضا قائم ڪئي وئي آهي:
مذهب جي آزادي: هر فرد کي پنهنجي مذهب موجب زندگي گذارڻ جي ”مذهبي آزادي“ آهي. لفظ ”آزادي جو عام طور تعلق سياست سان ٿئي ٿو، تاهم ان جو دائرو وسيع آهي، جنهن ۾ تاريخ، مذهب، تعليم ۽ اقتصاديات به اچي وڃي ٿي. سياسي اصطلاح موجب آزاديءَ جو مطلب اهڙي ”آزادي“ آهي، جيڪا معاشرو ڪنهن فرد مٿان استعمال ڪرڻ ۾ حق بجانب هجي. يعني ”شهري، ۽ ”سماجي آزادي“، آزادي، غلاميءَ جو ضد آهي. هربرٽ اسپينسر لکيو آهي ته ”هر انسان پنهنجي مرضيءَ ۽ عمل ۾ آزاد آهي. بشرطيڪ اهو ٻين انسانن جي آزاديءَ ۾ دست اندازي نه ڪري جيڪا کين حاصل آهي.“
14 آگسٽ 1947ع تي قائداعظم، پاڪستان جي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ پنهنجي پهرئين خطاب ۾ چيو هو ته ”پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل آزادي هوندي. اهي پنهنجي عبادت گهرن ۾ وڃڻ ۽ عبادت ڪرڻ ۾ آزاد هوندا. ڪير ڪهڙي به فرقي سان واسطو رکي، ملڪي مسئلن جو ان سان تعلق نه آهي. اسين سڀ هڪ ملڪ جا شهري آهيون ۽ ان ۾ برابر جا شريڪ آهيون.“
پاڪستان جي آئين ۾ پڻ مذهبي آزاديءَ بابت هڪ مستقل شِق موجود آهي، جنهن تحت ڪنهن به ماڻهوءَ کي تعليمي ادارن ۾ اهڙي مذهب جي تعليم يا عبادت لاءِ مجبور نٿو ڪري سگهجي، جيڪو هن جو پنهنجو نه آهي. مذهبي اختلاف يا مذهب جي نالي تي شهرين تي ڪابه پابندي نه لڳائي ويندي. مذهبي ٽئڪس نه ورتو ويندو. هر مذهبي فرقي کي پنهنجا عبادتگاهه ٺاهڻ، انهن جي حفاظت ڪرڻ ۽ انهن ۾ عبادت ڪرڻ جو پورو حق حاصل هوندو. قانون، امن ۽ اخلاق جي حدن اندر رهندي، هر ماڻهو پنهنجو مذهبي پرچار ڪري سگهي ٿو.
تقرير ۽ تحرير جي آزادي: شهرين کي پنهنجي خيالن جي اظهار جو حق حاصل آهي، انهيءَ شرط سان ته اهي خيال قانون ٽوڙڻ لاءِ نه هوندا.
تاريخ مسلسل ٻڌائي ٿي ته عوام گهڻو ڪري تحرير ۽ تقرير جي آزاديءَ جي حق کان محرم رهيا آهن. جنگ جي زماني ۾ ته انهيءَ حق تي جمهوري ملڪ به پابنديون لڳائي ڇڏيندا آهن. آزادي انسان جو فطري حق آهي، ان حق لاءِ دنيا جي ڪيترين غلام قومن، سامراجي قومن سان ٽڪر کائي، تاريخ جي هر دؤر ۾ آزادي حاصل ڪئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

سماج - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آبادڪاري
آبادِي
بابي تحريڪ
ارغون
ٻلو (اعزاز)
اشتراڪيت
اعرابِي
آدمشماري
بڪڪ
ادباڻي
سماج ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون