داخلا نمبر 2648
عنوان آري فقير چانڊيو
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 728 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آري فقير چانڊيو

آري فقير چانڊيو: آري فقير پٽ پنهون چانڊيو، 1920ع ۾ ڳوٺ ”وَر“ تعلقي گهوڙاٻاري، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. ڪجهه وقت انجنيئري کاتي ۾ ملازمت ڪيائين، پر گهڻو وقت مال جو واپار ڪيائين. جوانيءَ ۾ ڪنهن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي، علاج لاءِ سمن شاهه درويش جي درگاهه تي ويو، جتي چاق ٿيڻ کان پوءِ ساداتن جون مينهون چارڻ لڳو. آخر ڀاءُ کيس ڳوٺ وٺي آيو. انهيءَ سڪ ۾ هن ڪلام چيا، جيڪي سنڌي، سرائيڪي ٽيهه اکرين، قصن ۽ بيتن تي مشتمل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.00.00  عيسوي

آري فقير پٽ پنهون چانڊيو ، 1920ع ۾ ڳوٺ ” وَر “ تعلقي گهوڙاٻاري ، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون