آدم شاھه جي ٽڪري

آدم شاھه جي ٽڪري: ھيءَ ٽڪري سکر وارين ٽڪرين مان ھڪ مشھور ٽڪري آھي، جيڪا ڪلھوڙن جي پھرئين حاڪم ميان آدم شاھ جي نالي پٺيان سڏجي ٿي. ھيءَ ٽڪري سکر شھر جي اتر الھندي پاسي آھي ۽ ان تي ميان آدم شاھ ڪلھوڙي جي مزار آھي، جنھن سببان ’آدم شاھ جي ٽڪريءَ‘ جي نالي سان مشھور آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو