داخلا نمبر 1988
عنوان آخوند لطف الله لطف قريشي
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 992 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آخوند لطف الله لطف قريشي

آخوند لطف الله ”لطف“ قريشي: آخوند لطف الله ولد آخوند محمد اسحاق قريشي 1842ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. پاڻ حيدرآباد جي مشھور پاڙي ”گنج بخش شاھ“ جي پـِڙ ۾ رھندڙ قريشي خاندان جو فرد ھو. ابتدائي تعليم پرائڻ کان پوءِ پھرين آخوند محمد صديق جي مڪتب ۾ پڙھائڻ شروع ڪيائين، بعد ۾ لوڪل بورڊ طرفان پرائمري استاد مقرر ٿي، چنيجن، نصرپور، تاج پور ۽ ٻين ھنڌن تي پڙھائيندو رھيو. پڇاڙيءَ ۾ حيدرآباد ۾ ٽنڊي ولـي محمد اسـڪول (قاضي عبدالقيوم اسڪول) جو ھيڊماستر ٿيو.
آخوند صاحب سٺو نثر نويس، نظم گو ۽ ذوق سليم جو مالڪ ھو. طبابت جي ڪم کان واقف ھو. پاڻ اردو ٻوليءَ جي مشھور ڪتاب ”فسانه عجائب“ جو ”گل خندان“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. شاعريءَ ۾ ”لطف“ تخلص اختيار ڪري، مداحون، مناجاتون ۽ مولود چيائين.
مير عبدالحسين خان ”سانگي“ ۽ مرزا قليچ بيگ سان سندس روح رھاڻيون ٿينديون ھيون. 1898ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ باقي عمر طبابت جي ڌنڌي ۾ گذاريائين. پاڻ ڊسمبر 1902ع ۾ ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ’جان عالم‘ ۽ ’انجمن آرا‘ به سندس تصنيفون آھن. کيس ٻه فرزند ۽ ھڪ نياڻي ھئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1842.00.00  عيسوي

آخوند لطف الله ” لطف “ قريشي 1842ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو .


1902.10.00  عيسوي

آخوند لطف الله ” لطف “ قريشي ڊسمبر 1902ع ۾ ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون