آخوند عزيزالله ميمڻ: آخوند عزيزالله ولد آخوند نورالله ذات ميمڻ، مٽيارين جو رهاڪو هو، سندس جنم 22 شوال 1160هه/ 16 آڪٽوبر 1747ع تي ٿيو. سندس وڏا ٺٽي جا رهاڪو هئا، پوءِ اچي مٽيارين ۾ ويٺا. آخوند عزيزالله ابتدائي تعليم مولوي محمد عثمان وٽ ورتي. عربيءَ ۾ مهارت حاصل ڪيائين. حديث، تفسير، فقهه، تصوف ۽ معقولات ۾ مهارت حاصل ڪرڻ کان پوءِ درس ۽ تدريس جون خدمتون انجام ڏنائين. آخوند عزيزالله جو وڏو ڪارنامو اهو ليکجي ٿو ته پاڻ سنڌي نثر ۾ تحت اللفظ قرآن پاڪ جو
ترجمو ڪيائين، جيڪو سنڌي نثر ۾ نظماڻي نثر جو مثالي نمونو ليکجي ٿو. آخوند عزيزالله لنواريءَ وارن بزرگن جو عقيدتمند هو. درس ۽ تدريس جي لحاظ کان سندس شاگردن جو تعداد تمام گهڻو رهيو. هن 77 ورهين جي ڄمار ۾، 13 رمضان المبارڪ 1240هه / 3 مئي 1825ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه مٽياريءَ ۾ آخوندن جي مُقام ۾ واقع آهي.
1747.10.16 عيسوي
آخوند عزيزالله ميمڻ 22 شوال 1160هه/ 16 آڪٽوبر 1747ع تي ٿيو .
1825.05.03 عيسوي
آخوند عزيزالله ميمڻ 13 رمضان المبارڪ 1240هه / 3 مئي 1825ع تي وفات ڪئي .