آخوند عبدالقادر بيدل

آخوند عبدالقادر ”بيدل“: آخوند عبدالقادر ”بيدل“ ولد محمد پناهه ڀٽو، پنهنجي وقت جو اهم شاعر ٿي گذريو آهي. سندس جنم 1837ع ۾ ٿيو، هن شڪارپور جي مشهور عالم خليفي عبدالله کان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. شمس الدين ”بلبل“ جي ديوان تي سندس لکيل قطع تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ پنهنجو خانگي مدرسو هلائيندو هو. بيدل صاحب خليفي قاسم جي دور کان وٺي ميان محمد علي قادري صاحب جي دؤر تائين زنده رهيو، سندس شاعرن سان سٺا ناتا رهيا. ڪڏهن ڪڏهن ’بزم مشاعره‘ ۾ شريڪ ٿيندو هو. 1921ع ۾ پهرين ادبي ڪانفرنس، لاڙڪاڻي ۾ به شريڪ ٿيو هو. سندس وصال 7 فيبروري 1932ع تي ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1837.00.00  عيسوي

آخوند عبدالقادر ” بيدل “ جنم 1837ع ۾ ٿيو.


1932.02.07  عيسوي

آخوند عبدالقادر ” بيدل “ 7 فيبروري 1932ع تي ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسد چاچڙ
ريحان اعظمي
سيتل داس سوامي
ارم محبوب
رشيد احمد لاشاري
ڀون سنڌي
صوفي محمد بخش ڦرڙو
پنائي مبين
گورڌن ڀارتي
عرض محمد خان لغاري نواب
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون