آخوند الهه بچايو

آخوند الهه بچايو

آخوند الهه بچايو

آخوند الهه بچايو: آخوند الهه بچايو ولد آخوند غلام علي، 14 جولاءِ 1919ع ڌاري ڳوٺ مٽياريءَ ۾ ڄائو، سندس تعلق صديقي خاندان سان هو. سندس وڏا گهڻو وقت اڳ مغلن سان گڏ سنڌ ۾ آيا هئا. ٻن ڀائرن مان هڪ درس تدريس جي عمل سان واڳيل رهيو، هڪ مدرسو قائم ڪيائين، جنهنڪري اهي ”آخوند“ سڏجڻ لڳا. آخوند الهبچايو اڃا پنجن سالن جو مس هو ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو. هن معصوم جي پالنا ۽ پڙهائيءَ جي فرض ادائي سندس امڙ ۽ مامي محمدصديق سنڀالي. چار درجا سنڌي پڙهڻ کان پوءِ آخوند الهه بچائي کي انگريزيءَ پڙهڻ لاءِ پهرين حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ وڃڻو پيو. بي. اي پاس ڪرڻ کان پوءِ وڪالت جي امتحان لاءِ تياري ڪيائين پنهنجي پڙهائيءَ ۽ رهائش جي خرچ لاءِ سنڌ مدرسي ۾ ماستريءَ جي ملازمت اختيار ڪيائين. 1940ع ۾ ايل. ايل. بي پاس ڪري، حيدرآباد ۾ اچي وڪالت شروع ڪيائين، ۽ ان سان گڏ سماجي خدمتن ۾ به بهرو وٺندو رهيو. حيدرآباد ۾ مسلم هاءِ اسڪول قائم ڪيائين. جلد ئي وڪالت ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيائين. حيدرآباد لا ڪاليج جو ڪجهه عرصو پرنسپال به رهيو ۽ سنڌ جي مشهور قانوندانن مان هو. 1943ع ڌاري علامه دائودپوٽي جي وڏيءَ نياڻيءَ سان سندس شادي ٿي. 1966ع ۾ آخوند الهه بچايي کي اولهه پاڪستان ۾ قانون واري وزارت ۾ وزير طور کنيو ويو. آخوند الهه بچايي جي وفات 5 ڊسمبر 1972ع تي، روڊ جي هڪ حادثي ۾ ٿي، کيس مٽيارين جي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. اڳوڻو سيڪريٽري ثقافت سنڌ، عبدالحميد آخوند سندس فرزند آهي.


لفظ آخوند الهه بچايوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.07.14  عيسوي

آخوند الهه بچايو 14 جولاءِ 1919ع ڌاري ڳوٺ مٽياريءَ ۾ ڄائو.


1972.12.05  عيسوي

آخوند الهه بچايي جي وفات 5 ڊسمبر 1972ع تي، روڊ جي هڪ حادثي ۾ ٿي، کيس مٽيارين جي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راشدي بديع الدين شاهه
الاهي بخش ٻانڀڻ2
احمد رضا بروهي
الطاف حسين 2
شعيب ملڪ
خير محمد خان استاد
ابڙو نصرت حسين
امام بخش عاصم
گدا حسين سمو
عبدالجبار وڪيل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون