داخلا نمبر 327
عنوان آثار الباقية عن القرون الغالية
شاخ ڪتاب
پڙهيو ويو 603 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آثار الباقية عن القرون الغالية

آثار الباقية عن القرون الغالية (ڪتاب ):ابوريحان البيرونيءَ جي تصنيف، جنھن ۾ قديم قومن جي حالتن کان علاوه علم رياضيءَ ۽ علم نجوم وغيره جا مسئلا به بيان ڪيل آھن. البيرونيءَ ھيءُ ڪتاب 1000ع (390ھ) ۾ شمس المعالي قابوس بن وشمغير جي لاءِ لکيو ھو. ھيءُ ڪتاب 1878ع ۾ عربي ٻوليءَ ۾ لپسيا (لائپزگ، جرمني) مان شايع ٿيو، ۽ ان جو انگريزي ترجمو 1879ع ۾ لنڊن ۾ ڇپيو .


لفظ آثار الباقية عن القرون الغالية هيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آهي
آثار الباقية عن القرون الغالية
هن صفحي کي شيئر ڪريو