داخلا نمبر 242
عنوان آتمڪ جيون
شاخ ڪتاب
پڙهيو ويو 610 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آتمڪ جيون

آتمڪ جيون (ڪتاب ):هن ڪتاب جو مصنف ڪندن مل ڏيپچند آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب ۾ 115 صفحا آهن ۽ قيمت ٽي آنا ڄاڻايل آهي. ڪوڙي مل، سنڌي ساهتيه منڊل حيدرآباد طرفان ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، پرڀات پريس، حيدرآباد مان 1941ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، جنهن ۾ 302 صفحا آهن ۽ قيمت 6 آنا لکيل آهي، ڪوڙي مل سنڌي ساهتيه منڊل، حيدرآباد طرفان، ٻاپا پرنٽنگ پريس مان 1947ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو