داخلا نمبر 19
عنوان آباد وارو دڙو
شاخ جاگرافي
پڙهيو ويو 501 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آباد وارو دڙو

هي ماڳ ڊگهائي ويڪرائي ڦاڪ: 69◦ 10′ 55″اوڀر 27◦ 36′ 0″ اتر- ڳوٺ آباد، تعلقي روھڙي ضلعي سکر ۾ واقع آهي. سنڌو تهذيب/ ڌاتو پاھڻي دؤر جو ماڳ آهي. ھي ماڳ دڙي جي صورت ۾ ڳوٺ سھتيجي کان ڏيڍ ڪلو ميٽر اتر ۾ ڳوٺ ھٿريءَ کان 2 ڪلوميٽر اتر- اولهه ۾ ۽ 35 ڪلو ميٽر روھڙيءَ جي اوڀر ۾ آھي. دڙو 590 ميٽر ڊگھو ۽ 150 ميٽر ويڪرو آھي. ٺڪر جي وٿن ۾ ھڪ ٺڪر تي اٺ جي خوبصورت شڪل کان سواءِ ٻين جانورن جي شڪلين جو ٺڪراٺو مليو آھي. پٿر جون وٿون ٽامي ۽ ڪنجھي جي وٿن سان گڏ ملن ٿيون. ان کان سواءِ سرن جا ٽوٽا، چلمن جا ٽڪرا، ڀڳل چوڙيون، ڪنن جون واليون وغيره ملن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو