داخلا جي تاريخ 2011-12-10
داخلا نمبر 145
عنوان آب ڪوثر
شاخ کاڌ خوراڪ
پڙهيو ويو 403 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آب ڪوثر

آب ڪوثر: ڪوثر چشمي يا حوض جو پاڻي (مذهبي روايتن موجب بهشت ۾ ڪوثر نالي هڪ چشمو آهي، جتان نيڪوڪار ماڻهن کي پاڻي نصيب ٿيندو.) حضرت انس بن مالڪ رضه جي روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: ”(معراج جي رات) آءٌ بهشت ۾ گهمي رهيو هئس ته منهنجو گذر هڪ پاڻيءَ جي نهر وٽان ٿيو، جنهن جي ٻنهي طرفن خالي موتين جا گنبذ هئا. مون فرشتي جبرئيل کان پڇيو ته ان وراڻيو ته: ”هي ڪوثر آهي، اهو ڪوثر، جيڪو اوهان کي رب پاڪ عطا ڪيو آهي“. مون ڏٺو ته ان جي مٽي نهايت خوشبودار هئي. حديث شريف ۾ اچي ٿو ته قيامت جي ڏينهن حضرت محمد صلي الله عليه وسلم انهيءَ حوض جو پاڻي پنهنجن امتين کي پياريندو.
حضرت زيد بن ارقم رضه فرمائين ٿا ته اسان سفر ۾ رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جن سان گڏ هئاسون ته پاڻ سڳورن هڪ هنڌ لهي فرمايو ته ”توهان انهن لکن ٽولن مان هڪ جزو آهيو، جيڪي حوض ڪوثر تي مون وٽ ايندؤ.“ ماڻهن زيد بن ارقم رضه کان پڇيو ته ان ڏينهن توهان جو تعداد ڪيترو هو؟ فرمايائون ته ست يا اٺ سؤ.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

کاڌ خوراڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بادشاهِڻِ
بادِلو2
آبِحيات
باديانُ
آب زُلال
آبِ زمزم
آب ڪوثر
باسپتي
آڀون
باکرو ڏاڙهون
کاڌ خوراڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون