داخلا جي تاريخ 2012-06-27
داخلا نمبر 3903
عنوان آئرلينڊ
شاخ ملڪ
پڙهيو ويو 1110 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
آئرلينڊ

آئرلينڊ

آئرلينڊ

آئرلينڊ (Ireland ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه آئرلينڊ (Republic of Ireland) آهي، جنهن جو پراڻو نالو هائبرنيا هو. آئرلينڊ جي اصل معنيٰ آهي، ”الهندو ٻيٽ“. ڇو ته اهو يورپ جي اولهه ۾ آهي. آئرلينڊ برطانيا جي اولهه ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ موجود ٻيٽ آهي. اتريون آئرلينڊ هن جي اتر ۾ آهي.
آئرلينڊ جي ڪل پکيڙ 70282 چورس ڪلوميٽر (27129 چورس ميل) ۽ آبادي 40 لک آهي. گاديءَ جو هنڌ ڊبلن (Dublin) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ ڪارانٽو هل (بلندي: 1041 ميٽر) آهي. آئرلينڊ جي موسم وچولي، سرد ۽ خوشگوار رهندي آهي، جنهنڪري گاهه سڄو سال سائو رهندو آهي. آئرلينڊ جي مکيه معدنيات زنڪ، شيهو، قدرتي گيس، چاندي، ڊولومائيٽ، جست، جپسم، چُن ۽ ٽامو آهي.
آئرلينڊ کي زمرد جو ٻيٽ چيو ويندو آهي، تاريخدانن موجب آئرلينڊ جا پهريان رهواسي يورپ جي مرڪزي حصي مان اٽڪل 600 ق.م ۾ اچي هتي آباد ٿيا. انهن ماڻهن اتر اوڀر ڪناري (هاڻوڪي لارني) تي اچي پڙاءُ ڪيو. جيڪي شڪاري ۽ مهاڻا هئا. اٽڪل 400 ق.م ۾ برطانيا ۽ يورپ مان ايندڙ ڪيلٽڪ (Celtic) قبيلن آئرلينڊ تي حملو ڪري ٻيٽ کي توئاٿ (Tuath) نالي ننڍين رياستن ۾ ورهايو. لوهه جي زماني 300 ق. م ۾ ٻيٽ تي ڪيلٽڪ تهذيب ۽ ثقافت کي اسرڻ جو موقعو مليو. 432ع ۾ سينٽ پيٽرڪ عيسائي مذهب کڻي آيو، جنهن کي آئرش قوم قبوليندي کيس سرپرست (Patron) طور قبوليو. 14 صدي عيسويءَ ۾ لڳ ڀڳ سڄو آئرلينڊ نارمنن جي هٿ هيٺ اچي ويو، جن انگلينڊ جي اثرن مان پاڻ کي آجو ڪندي، پنهنجي زبان ۽ ڪلچر رائج ڪيو. 1541ع ۾ هينري اٺين انگريزي قانون نافذ ڪيا. ان کان پوءِ لاڳيتو انگريز ئي رهيا. 29 ڊسمبر 1937ع تي نئون آئين لاڳو ڪيو ويو. ملڪ کي IFS بجاءِ EIRE (آئرلينڊ) جو نالو ڏنو ويو. 30 مئي 2000ع تي برطانيا اتر آئرلينڊ اسيمبليءَ کي اندروني خودمختياري ڏني، پهرئين جنوري 2002ع تي آئرلينڊ ۾ يورپي يونين جي گڏيل ڪرنسي يورو رائج ڪئي وئي.
1937ع جي آئين موجب آئرلينڊ هڪ خودمختيار آزاد پارلياماني جمهوري رياست آهي. صدر رياست جو اڳواڻ، هٿياربند فوج جو سپريم ڪمانڊر ۽ پهريون شهري (First Citizen) آهي. آئرلينڊ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 6 ڊسمبر 1921ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري جو ميمبر 14 ڊسمبر 1955ع کان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1541.00.00  عيسوي

1541ع ۾ هينري اٺين انگريزي قانون نافذ ڪيا . ان کان پوءِ لاڳيتو انگريز ئي رهيا


1937.12.29  عيسوي

29 ڊسمبر 1937ع تي نئون آئين لاڳو ڪيو ويو . ملڪ کي IFS بجاءِ EIRE ( آئرلينڊ ) جو نالو ڏنو ويو


2000.05.30  عيسوي

30 مئي 2000ع تي برطانيا اتر آئرلينڊ اسيمبليءَ کي اندروني خودمختياري ڏني


2002.01.01  عيسوي

پهرئين جنوري 2002ع تي آئرلينڊ ۾ يورپي يونين جي گڏيل ڪرنسي يورو رائج ڪئي وئي


1921.12.06  عيسوي

آئرلينڊ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 6 ڊسمبر 1921ع آهي



ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باگڙ ديس
بحرين
اسرائيل
افغانستان
برطانيا
برما
انڊيا
انگلنڊ
اردن
ايران
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون