آءِ آءِ چندريگر

آءِ آءِ چندريگر

آءِ آءِ چندريگر

آءِ آءِ چندريگر: سندس پورو نالو اسماعيل ابراھيم چندريگر ھو،احمد آباد (ڀارت) ۾ 15 سيپٽمبر 1897ع ۾ ڄائو، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي ۽ ايل. ايل. بي جا امتحان پاس ڪيائين. 1937 ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي احمد آباد جي ٻھراڙيءَ واري تڪ مان بمبئيءَ جي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1943ع کان 1947ع تائين انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر رھيو. گورنمينٽ آف انڊيا جي عبوري حڪومت (آڪٽوبر 1946ع کان آگسٽ 1947ع ) ۾ مسلم ليگ پاران واپار جو وزير ٿيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ آگسٽ 1947ع کان مئي 1948ع تائين حڪومت پاڪستان جو واپار، صنعت ۽ تعميرات جو وزير ٿيو. 1948ع ۾ سرحد صوبي جو گورنر ۽ 1953ع ۾ پنجاب صوبي جو گورنر رھيو. 1955ع ۾ چوڌري محمد عليءَ جي مرڪزي ڪابينا ۾ وزير قانون رھيو. 1956ع جي آئين جو مسودو ھن تيار ڪيو. 18 آڪٽوبر 1957ع کان 16 ڊسمبر 1957ع تائين پاڪستان جي ڇھين وزيراعظم جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. 26 سيپٽمبر 1960ع تي وفات ڪيائين، ڪراچي شھر جو ھڪ وڏو روڊ سندس نالي پٺيان آءِ. آءِ. چندريگر روڊ مشھور آھي، جنهن جو اڳوڻو نالو ميڪلوڊ روڊ هو ان روڊ تي پاڪستان، خصوصاً ڪراچيءَ، جي فنانشنل ادارن ۽ اسٽيٽ بئنڪ سميت اڪثر وڏين بينڪن جا مرڪزي دفتر آهن.


لفظ آءِ آءِ چندريگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.09.15  عيسوي

آءِ آءِ چندريگر جو پورو نالو اسماعيل ابراھيم چندريگر ھو ، احمد آباد ( ڀارت ) ۾ 15 سيپٽمبر 1897ع ۾ ڄائو ،


1960.09.26  عيسوي

آءِ آءِ چندريگر26 سيپٽمبر 1960ع تي وفات ڪيائين ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آزاد انور ڪانڌڙو
رياض الاسلام پروفيسر ڊاڪٽر
جتوئي علي نواز حاجن
خانبهادر غلام علي نانا
آغا عبدالنبي عليگ
ٿهيم عبدالرزاق جسٽس
عبدالباقي صديقي بکري
راجسٿاني عبدالهادي
آخوند اقبال احمد
بلاول فقير نائچ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون