داخلا ؛ 1531
پڙهيو ويو ؛ 20404
پسند ڪيو ويو ؛ 160
تاريخ ؛ 2012-02-20


تصويرون


images.jpeg
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جي مهورت جي تقريب ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير قائم علي شاه، تڏهوڪي وقتي گورنر نثار کهڙي ۽ صوبائي صياحت ۽ ثقافت
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جي مهورت جي تقريب ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير قائم علي شاه، تڏهوڪي وقتي گورنر نثار کهڙي ۽ صوبائي صياحت ۽ ثقافت

mainimage2.jpg
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي عمارت
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي عمارت

Title-Sindhiana-Encyclopedi.jpg
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرئين جلد جو ٽائيٽل
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرئين جلد جو ٽائيٽل

sample-image.gif
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سي ڊيءَ جو ٽائيٽل
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سي ڊيءَ جو ٽائيٽل

slaimage.jpg
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بلڊنگ جو ڏيک
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بلڊنگ جو ڏيک



ٽائيم لائين

2009.08.00-A.D
سنڌي زبان جي تاريخ ۾ ، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو

2010.12.04-A.D
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جي مهورت جي تقريب ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير قائم علي شاه، تڏهوڪي وقتي گورنر نثار کهڙي ۽ صوبائي صياحت ۽ ثقافت کاتي جي وزير محترمه سسئي پليجو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي نگران اعلى محترمه ڊاڪٽر فهميده ميمڻ جي هٿان ڪيو ويو

1998.00.00-A.D
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو




sindhianaسنڌيانا--انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

ٽائيٽل ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا


شاخ : انسائيڪلوپيڊيا

سنڌي زبان جي -تاريخ- ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ -آگسٽ- 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 5جلد پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد ڇهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر -ان- کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي -ٻولي- اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور -استاد- ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي -ٽيم- ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ -تصويرون- وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. -ايڊيٽوريل- بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين،ڊاڪٽر -الله- رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ -تاج جويو- شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم -بند- ٿي ويو.
2008ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌي -ٻولي- اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن مقرر ٿي آئي ته هن ترجيحي بنيادن تي هن رٿا تي نئين سر ڪم شروع ڪيو. محترم -بدر- ابڙي ۽ محمد عثمان ميمڻ جي رهنمائيءَ ۾ نوجوان ريسرچرن ٻيهر ڪم شروع ڪيو ۽ صبح شام جي محنت سان انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جو پهريون جلد ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو هن سموري تحقيقي ڪم جي نگراني ۽ ادارت ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي جڏهن ته اداري جو سيڪريٽري -تاج جويو- پڻ سندس -ٻانهن- ٻيلي ٿي رهيو.
هن وقت تائين انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جا ٽي جلد ”الف کان خ“ اکر تائين پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ -ان- کي پڙهندڙن- ساڃهه وند طبقي جي شاندار موٽ ملي آهي. اخبارن، رسالن ۾ تعريفي، تنقيدي ۽ تجرباتي مضمون ۽ خط پڻ ڇپيا. هيل تائين جيڪڏهن چئني جلدن جو وچور ڏسجي ته انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جا 2684 صفحا ۽ انهن ۾ 10848 داخلائون پيش ڪيون ويون اهن. سموري ڇپائي آرٽ پيپر تي رنگين تصويرن سان ٿيل آهن.

تيار ٿيل جلدن جو وچور
جلد پهريون: الف- ب- ٻ اکرن تي عنوانن تي مشتمل هن پهرئين جلد ۾ 648 رنگين ۽ باتصوير صفحا آهن. آرٽ پيپر تي ڇپيل هن انسائيڪلو پيڊيا ۾ سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي توڙي سماجي شخصيتن، ماڳن مڪانن، ڍنڍن ڍورن، ريتن رسمن، وڻن ٻوٽن، جهنگلي جيوت، درگاهن، ميلن، ذاتين، ڪتابن، ديهن ۽ اهم ڳوٺن ۽ شهرن جو تعارف شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 20 سيڪڙو عالمي ۽ ڪائنات موضوع به ڏنا ويا آهن. پهرئين جلد ۾ ڪل 3712 داخلائون شامل آهن. هن جلد جو ڇاپو -آگسٽ- 2009ع جو آهي.
جلد ٻيو: انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جو ٻيو جلد (ڀ- ت- ٿ- ٽ- ٺ- ث) اکرن جي داخلائن تي مشتمل آهي، جيڪو پڻ رنگين ۽ آرٽ پيپر تي ڇپيل آهي، ٻئي جلد جي داخلائن جو تعداد 2570 آهي. 728 صفحن واري هن جلد جي آخر ۾ رهجي ويل عنوانن (الف کان ٻ) جو ضميمو پڻ شامل ڪيو ويو آهي. ٻئي جلد جو ڇاپو مئي 2010ع جو آهي.

جلد ٽيون: انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جو ٽيون جلد (پ- ج) اکرن جي داخلائن تي تي مشتمل آهي. 700 صفحن تي ڇپيل هن جلد ۾ 2533 داخلائون شامل آهن. جلد ٽيون مارچ 2011ع ۾ ڇپيو.

جلد چوٿون: هي جلد ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي جيڪو -اپريل- 2012ع جي پهرئين هفتي ۾ پڌرو ڪيو ويندو.هن جلد ۾ (ڄ- جهه- ڃ- چ- ڇ- ح- خ) جي سرن تي مشتمل داخلائون شامل آهن. جلد چوٿون 608 صفحن ۽ 2033 داخلائن تي مشتمل آهي.سنڌيانا جي ايندڙ جلدن جي متفرق داخلائن جو ڪم پڻ تيزيءَ سان -جاري- آهي جلد پنجون پڻ هلندڙ سال پڌرو ڪيو ويندو.

-انسائيڪلوپيڊيا- سنڌيانا جي نگران ۽ چيف -ايڊيٽر- ڊاڪٽر فهميده حسين، جڏهن ته -ايڊيٽر- -تاج جويو- آهي. رٿا جي ڊائريڪٽر طور محمد عثمان ميمڻ خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. موجوده -ايڊيٽوريل- بورڊ ۾ شامل مختلف عالمن ۽ ماهرن کان موضوعاتي لحاظ کان مواد جي نظرثاني پڻ ڪرائي ويندي آهي، -ايڊيٽوريل- بورڊ ۾: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر حبيب -الله- صديقي، سيد قلندر شاهه لڪياري، سيد حاڪم علي شاهه بخاري، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو ۽ ڊاڪٽر شمس الدين تنيو شامل آهن.

اداري ۾ قائم -انسائيڪلوپيڊيا- سيل ۾ هيٺ ڄاڻايل نوجوان تحقيقي ڪم ۾ مصروف آهن: شوڪت چاچڙ (ريسرچ فيلو)، صفدر حسين ميرزا (ريسرچ فيلو)، واحد -پارس- هيسباڻي (ريسرچ فيلو)، هيمون ڪالاڻي (ريسرچ فيلو)، عامر سيال (ريسرچ فيلو)؛ جڏهن ته ريسرچر طور ضراب حيدر، شفيع محمد شاهه،ساجد چانڊيو، غلام رسول مڱريو، سردار علي شاهه، ناصر قاضي، علي نواز آريسر، عنبرين خاصخيلي، زينت چانڊيو، راسيه بشارت، امر خورشيد ۽ صائمه يوسف -ٽيم- ۾ شامل آهن.

ٽيڪنيڪي عملي ۾ ڪمپوزر / گرافڪس ڊزائنر طور، تولا رام سوٽهڙ، پارسه رضوي، نظير چانڊيو، عرفان ميمڻ ۽ رحيم -پاشا- شامل آهن. جڏهن ته -انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا- کي ويب سائيٽ تي آن لائين ڪرڻ واري ڪوششن ۾ فهد ميمڻ مصروف عمل آهي، ساڻس گڏ محمد بخش ڀنگر، احسان لغاري ۽ پرويز نياز همايوني -ٻانهن- ٻيلي آهن.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جي مهورت جي تقريب ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير قائم علي شاه، تڏهوڪي وقتي گورنر نثار کهڙي ۽ صوبائي صياحت ۽ -ثقافت- کاتي جي وزير محترمه سسئي پليجو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ۽ -انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا- جي نگران اعلى محترمه ڊاڪٽر فهميده ميمڻ جي ٿي




رايا ؛
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - مان نڪتل ٻيون شاخون-


انسائيڪلوپيڊيا - موضوع جون ٻيون داخلائون-
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا


.....انسائيڪلوپيڊيا موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن